ڪرد مليشيا سان معاهدي کانپوءِ شامي ۽ ترڪ فوج آمهون سامهون، ٽڪراءُ جو خطرو

دمشق : اتر شام ۾ جاري ترڪي جي آپريشن دوران شامي فوج ۽ ترڪ فوج وچ ۾ ٽڪراءُ جو خطرو وڌي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرد مليشيا سان معاهدي کانپوءِ شام جي سرڪاري فوج ترڪ سرحد ويجهو علائقي عين العيسا ۽ تلتمير ۾ داخل ٿي وئي آهي.شام جي سرڪاري ٽي وي موجب ڪردن جي سربراهي ۾ قائم سيريئن ڊيموڪريٽڪ فورس سان هڪ معاهدي کانپوءِ شامي فوج ان علائقي ۾ داخل ٿي آهي.شام ۾ موجود ڪردن جو چوڻ آهي ته شامي حڪومت ترڪي طرفان انهن جي خلاف جاري ڪارروائي کي روڪڻ لاءِ پنهنجي فوج اترين سرحد  تيم وڪلڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ياد رهي ته ڪردن جي سربراهي ۾ ايس ڊي ايف آمريڪا جي حمايت ۽ مدد سان اتر شام ۾ داعش کي شڪست ڏني هيئ پر گذريل ڏينهن ۾ آمريڪا طرفان فوجون هٽائڻ تي ڪردن ان ان کي پٺي تي ڇري هڻڻ قرار ڏنو هو.جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو موقف آهي ته ترڪ ۽ ڪرد صدين کان وڙهندا اچي رهيا آهن ان لاءِ آمريڪا کي اهڙي نه ختم ٿيندڙ جنگ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.