ڪردن تي حملي تان باز نه اچڻ جي صورت ۾ ترڪي سختين ۽ پابندين لاء تيار ٿي: آمريڪي صدر

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي تي وڏي پيماني تي سخت شرطون لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪ فوج جي شام جي اترين علائقي ۾ آپريشن کي نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ترڪي تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون پيون وڃن، ڇا اهي ماڻهو چاهين ٿا ته اسان نيٽو ميمبر ترڪي سان کليل جنگ ڪريون؟ ان سان گڏوگڏ هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ جنگيون ختم ٿي وينديون.ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مقامي ميڊيا ۾ نشر ٿيندڙ انهن رپورٽن کي رد ڪيو جنهن ۾ آمريڪا جي هڪ ٻي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ جو واضح اشارو ڏنو ويو هو، آمريڪي صدر وضاحت ڪئي ته اسان پاڻ کي هڪ اهڙي جنگ ۾ اڇلائڻ نه ٿا چاهيون جنهن جا گروهه هڪ ٻئي سان ٻن صدين کان جنگ ڪري رهيا هجن.صدر ٽرمپ يورپي ملڪن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته يورپي ملڪن وٽ ڪردن جي قيد ۾ قيد پنهنجي ملڪ سان تعلق رکندڙ داعش ويڙهاڪن کي تحويل ۾ وٺڻ جو ڀلو موقعو آهي پر هو ايئن نه پيا ڪن.