ڪراچي ۾ 50 ڪلاڪن واري بک هڙتال جي پڄاڻي، کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء عيد ڏهاڙي ڌرڻي جواعلان

ڪراچي (رزاق عاصي) : سنڌ سڀا پاران، سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گُم ڪرڻ واري غير قانوني ۽ ڪُڌي عمل خلاف ۽ قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 50 ڪلاڪن جي بک ھڙتال ٽئين ڏينھن اربع 23 جولاءِ تي پڄاڻي تي پهتي. عيد ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا. وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ ۽ سنڌ سڄاڳي فورم پاران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو اعلان. سنڌ سڀا سرواڻ انعام عباسي، وي ايم پي جي ڪنوينر سورٺ لوھار ۽ سنڌ سڄاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ لوهار بک هڙتالي ڪئمپ جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته سنڌ 72 کان وڌيڪ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن کنڀي گم ڪيا ويا آهن. جن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن مسلسل 50 ڪلاڪ بک هڙتال ويهڻ سبب عاقب چانڊيو جي وني ام فروا چانڊيو. امڙ مخيتار بيگم. ڀيڻ فضا چانڊيو جي طبعيت بڳڙجن سبب حالت خراب ٿي وئي. جنهن بعد ڊاڪٽر برما جيسراڻي ڪئمپ تي پهچي عاقب چانڊيو جي ڪٽنب سميت انصاف دايو جي ڀينرن اقصي دايو. افسانا دايو. اديب دانشور تاج جويو. سنڌ سڀا جي مهنڌار سنڌي انعام ۽ ٻين طبي مدد ڏني. جڏھن ته بک هڙتال جي آخري ڏھاڙي تي احتجاج ۾ وي ايم پي جي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن انصاف دايي جي ڀيڻن اقصيٰ بتول، افسانا دايو ۽ ڀاءُ احسان دايي، عاقب چانڊيي جي امڙ مختيار خاتون، ڀينرن شازيا چانڊيو، فضا چانڊيو ۽ وني فروا چانڊيو، محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول اسماعيل نوتڪاڻي، پٺاڻ خان زھراڻي جي گھرواري بشيران زھراڻي، ڀاءُ جاويد زھراڻي، ايوب ڪانڌڙي جي پُٽ سجاد ايوب ڪانڌڙي، نسيم بلوچ جي مڱيندي ھاني بلوچ، محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول نوتڪاڻي، فقير اعجاز ڳاھي جي ڀاڻيجي ايس ڪي ڳاھي، سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ اديب نور احمد ميمڻ، بيدل مسرور، مظفر چانڊيي، ماجد صديقي، جسقم اڳواڻ شاھنواز ڀٽي پنھنجي گھرواري ۽ ٻچڙن سميت، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ، آرگنائيزر گلزار سولنگي، ضلعي ڪورنگي جي فائنانس سيڪريٽري صداقت شيخ، ضلعي ڪورنگي جي ميڊيا سيڪريٽري آفتاب گبول، سنڌ سجاڳي فورم عمرڪوٽ ضلعي جي آرگنائيزر سنتوش سوٽھڙ، آڪاش ميراڻي ضلعي ڪورنگي سيڪريٽري جسقم آريسر، سيد زمان شاھ جسقم، نور ڏاھري جساف قائم مقام صدر، سارنگ مغيري جساف آريسر، ستار سنڌي، راڻي ڀٽي، پارس مسرور، سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيل اڳواڻن عاقب راڄپر، عبدالرزاق ٽالپر، اصغر ناريجي، خليل انصاري، آصف ڀُٽي، ايڊووڪيٽ عبدالطيف ميربحر، ايڊووڪيٽ، ڪاشف جلباڻي، ڪاشف شاھ، اڪبر گبول، بھار فائونڊيشن ۽ ايس يو پي جي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر سچل وڌي، عرفان زھراڻي، محبوب سنڌي، جيئي سنڌ محاذ ڊويزن اڳواڻ شوڪت سومري، چڪرا ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ ولي راڄپر، اسداللہ پليجي، جساف زرعي يونيورسٽي اڳواڻ جي ايم ڌوئنري، محمد ايوب، ٻين سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙن سنڌ مان تقريبن 70 کان وڌيڪ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن ۽ خاص ڪري جون ۽ جولاءِ جي مھينن ۾ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ گرفتاري خلاف ۽ سندن آزاديءَ لاءِ سخت نعريبازي ڪندي عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ويو تہ کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪريو. 

ان موقعي تي فريدآباد مان تازو کنڀي گم ڪيل سھيل خاصخيلي، جساف اڳواڻ نور محمد چانڊيي عرف نور ديشي کي رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪرڻ واري غير قانوني ۽ ڪُڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نور ديشي سميت سمورن کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ آخر ۾ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي، تاج جويي، سورٺ لوھار، سسئي لوھار، شازيہ چانڊيو، سھڻي جويو، سارنگ جويي ۽ ٻين سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواھ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، ۽ اھو پڻ چيو تہ جيڪڏھن کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن تي ڪو ڏوھ آھي، تہ انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ان موقعي تي اھو پڻ اعلان ڪيو ويو تہ ھن عيد تي وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سڀا ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران عيد ڏينھن صبح 12 کان وٺي شام جو 5 وڳي تائين بک ھڙتال ڪئي ويندي.