ڪراچي ۾ 3 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

ڪراچي:- ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ شرقي جي 100 پوليس اهلڪارن جي ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ منفي آيا آهن، جڏهن ته 3 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.پوليس ذريعن موجب ڊي آءِ جي ايڊمن ڪراچي امين يوسفزئي جي طرفان هڪ اين جي او جي تعاون سان پوليس اهلڪارن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جو انتظام ڪيو ويو آهي.جڏهن ته پوليس ذريعن موجب ٽريفڪ پوليس جي 30 اهلڪارن جا به ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪرايا ويا، جن مان ٽن پوليس اهلڪارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.