ڪراچي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سنڌ جي سياسي سماجي ۽ وڪيلن سميت عورتن جو گورنر هائوس ڏانهن مارچ

ڪراچي :-(رپورٽ: رزاق عاصي) کنڀي گم ڪيلن جي آزدي لا احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو گورنر هائوس ڏانهن مارچ پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا بڪتربند گاڏين سميت احتجاجي عورتن جون اهلڪارن سان چڪريون. ڪمشنر جي نمائيندي سان وفد جي ڳالھ ٻولھ ٻولھ 5 رڪني وفد پاران گورنر هائو اڳيان ميمورينڊم پيش. سنڌ سجاڳي فورم ، وائس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ ۽ سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء ڪراچي پريس ڪلب اڳيان رٿيل احتجاج ۾ سنڌ جي سياسي سماجي، قوم پرست اڳواڻن. سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل اديبن ، سنڌ ٿينڪر فورم، جسقم، عوامي ورڪز پارٽي، سنڌ ساگر پارٽي جساف ، ايس يو پي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، وومين ايڪشن فورم، آل سنڌ شاگرد فورم جي اڳوڻن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن ۽ متاثر خاندانن جي عورتن، ٻارن، سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي سخت نعري بازي ڪندي، سارنگ جويي، اصغر بروهي، عاقب چانڊيي، انصاف دايي، شاهد جوڻيجي، نسيم بلوچ ۽ ٻين سوين کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي قوم پرست ڪارڪنن جا 14 آگسٽ تائين آزدي جو مطالبو ڪيو ان بعد تاج جويي محب آزاد، انعام عباسي، سورٺ لوهار، سهڻي جويي، هاني بلوچ، حافظ سڪندر تنيي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سينئر دلشاد ڀٽي. اسد اقبال بٽ، ايڊووڪٽ سيد غلام شاھ، نورمحمد ميمڻ، ڊاڪٽر خليل قاصي، سجاد ميراڻي، امين منگسي، رهمت پير زادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنر سنڌ کي ميمورنڊم پهچائڻ لاء گورنر هائوس طرف پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويو، ڪمشنر ڪراچي جي نمائندي کي ٻڌايو ويو ته 5 ڄڻن جو وفد گورنر سنڌ کي ميورينڊم پهچائڻ لاء ويندو پر پوليس ۽ رينجرس جي بڪتر بند گاڏين ۽ موبائلن سيمت ماچ کي زوري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد احتجاجي عوتن توڙي مردن جون اهلڪارن سان جڙپو ٿيو ۽ ماحول ۾ دسخت تائو پکڙجي ويو سخت نعري بازي بعد پوليس آسو گيس هلائڻ ۽ لٺ بازي لاء تيار ٿي وئي سينئر اڳواڻن ايڊووڪيٽ غلام شاھ تاج جويي، اسداقبال بٽ جي مداخلت کان پوء 5 روڪني وفد کي گورنر هائوس ڏانهن اجازت ملي جنهن ۾ غلام شاھ، اسد اقبال بٽ، تاج جويو. سورٺ لوهار ۽ انعام عباسي پڻ شامل هئا جن سان گڏ انصاف دائي جي ڀيڻ شاهد جوڻيجي ۽ اصغر بروهي جون نياڻيو، شامل هيون. اتي معلوم ٿيو ته گورنر اسلام آباد ۽ ٻيا عملدار 14 آگيسٽ ملائڻ لاء گهر روانه ٿي چڪا آهن، پوليس ۽ سيڪيورٽي عملي جي رابطي کان اڌ ڪلاڪ پوء گورنر جو چيف پروٽوڪول آفيسر سراجدين شيخ پهتو جنهن کي ميمورينڊم گورنر کي پهچائڻ لاء ڏنو ويو جنهن پهچ رسيد ڏني، ان موقعي تي متاثر خاندانن جر نياڻين رقت انگيز انداز ۾ پنهنجي ڀاء ۽ پيئرن جو ڪيس پيش ڪيو، جنهن تي وفدن جي نمائدن توڙي چيف پروٽوڪول آفيسر جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، وفد جي ملاقات کان پوء احتجاجي قافلو نعري بازي ڪندي واپس احتجاجي ڪيمپ تي پهتو ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن انعام عباسي سان يڪجهتي طور ڪمپ تي رات رهڻ لاء ويٺا