ڪراچي ۾ کنڀيل 7 نوجوانن مان 4 آزاد ٿي گهر پهچي ويا

گڏاپ :-  گلشن معمار، گل ڳوٺ مان چار ڏينھن اڳ کنڀيل ست نوجوانن مان پ پ جيالو سڪندر علي ڇڄڙو، وحيد سولنگي، جاويد گوپانگ،سليم گوپانگ،آزاد ٿي پنھنجي گھرن ۾ پھچي ويا، مقامي صحافين فاروق ڀنگوار، عبدالعليم ميمڻ، نظير حسين وڌيو، محمد علي وگھيو، سردار مگسي، ايس يو پي، اولھ جي صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، پ پ جي بابو جعفري، ارشاد سولنگي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر آدم خان جتوئي، آزاد ٿيلن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا انھن ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان کي تفتيش لاء کنيو ويو پڇا ڳڇا کان پوء چار ڏينھن گذڻ کان پوء اسان کي الڳ الڳ علاقن ۾ ڇڏيو ويو سڪندر ٻڌايو ته مون کي پنج سو روپيه ڪرايو ڏيئي ڇڏيو ويو، ان چيو ته منھنجي گھر کان ليپ ٽاپ، موبائيل فون کڻي ويا جيڪي موٽائي نه ڏنائون، وحيد سولنگي ٻڌايو ته مون کي جمالي پل سپر ھائي وي تي گاڏي مان لاھي پاڻ ھليا ويا، جاويد ۽ سليم گوپانگ ٻڌايو ته اسان کي غازي ڳوٺ سامھون گاڏي مان لاھي ھليا ويا، انھن ٻڌايو ته اسان کي کنڀڻ محل به اکين تي پٽيون ٻڌي کڻي ويا ھئا ۽ ڇڏڻ وقت به اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيو ويو،