ڪراچي ۾ ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جي 3 ڀاتين جا مڙهه موهڻي بازار ميمڻ قبرستان ۾ دفنايا ويا

نوابشاهه: ڪراچي ۾ ڇِت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي فوت ٿي ويا هئا ۽ ٽئي مهراڻ ڪالوني نوابشاهه جا رهواسي آهن.انهن ۾ 30 ورهين جو انجنيئر اورنگزيب ميمڻ، 25 ورهين جي سندس گهر واري شيزا ۽ سندن ڏيڍ سال جو پُٽ عبدالهادي شامل آهن.ٽنهي جي جنازي نماز مهراڻ ڪالوني نوابشاهه ۾ ادا ڪئي وئي ۽ ٽنهي جا مڙهه کڻڻ تي هر هڪ ڪانڌي جي اک اشڪبار هئي ۽ ٽنهي جا مڙهه موهڻي بازار ميمڻ قبرستان ۾ دفنايا ويا.