ڪراچي ۾ چوماسي جي زبردست برسات دوران مک شاهراهن تي پاڻي بيهجي ويو

ڪراچي :- ڪراچي ۾ چوماسي جي زبردست برسات دوران شهر کي مک شاهراهن تي پاڻي بيهجي ويو، برسات شروع ٿيڻ بعد بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا اوندهه ۾ ٻڏي ويا. طوفاني برساتن سبب هيٺانهن علائقن ۽ روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، صدر، ڪلفٽن، شاهراهه فيصل، گلستانِ جوهر، ملير، قائد آباد، لانڍي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ شام کان ئي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. موسميات کاتي موجب برسات جو اهو سلسلو هڪ کان ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. برسات جي پهرين بوند پوڻ سان ئي ڪيترن علائقن م بجلي معطل ٿي وئي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن.