ڪراچي ۾ پوليس کي ٽارگيٽ بڻائڻ وارو سلسلو نه رڪجي سگهيو

ڪراچي :- ڪراچي ۾ پوليس کي ٽارگيٽ بڻائڻ وارو سلسلو نه رڪجي سگهيو. ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ ٻن اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار جي فائرنگ ۾ اهلڪار عارف خان زخمي ٿي پيو . زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو ته رستي ۾ دم ڏنائين. پوليس موجب اهلڪار مهراڻ ٽائون مان ڊيوٽي تان واپس گهر وڃي رهيو هو ته کيس نشانو بڻايو ويو. پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو آهي يا ٻيو ڪو جاچ دوران خبر پئجي ويندي. واقعي بعد آءِ جي سنڌ مشتاق مهر نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڪورنگي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي