ڪراچي ۾ پوليس لاڙڪاڻي واسي پورهيت کي مسجد مان کنڀي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

گڏاپ :- سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۾ نورخان ڳوٺ جي جامع مسجد حنفيه مان جمعي نماز دوران انڊسٽريل ايريا نئين ڪراچي پوليس پاران مسجد مان پورهيت نوجوان فيصل ابڙو کي ڳچيءَ کان پڪڙي گهليندي ٻاهر ڪڍي مسجد جي گيٽ ڀرسان گوليون هڻي شديد زخمي ڪري موبائل ۾ کڻي وڃي ۽ وڌيڪ گوليون مٿي ۾ هڻي ماري رات جو دير سان لاش عباسي شهيد اسپتال پهچائي ۽ واقعي کي پوليس ۽ ڏوهارين سان مقابلو ڏيکاري ڇڏيو. جڏھن ته مسجد جي پيش امام، نمازين ۽ محلي جي رهواسين سميت سڀ اکين ڏٺا شاهد آھن ته نوجوان پاران صرف اهو پڇيو ويو ته مون کي ڇو گرفتارڪيو اٿئو ته ان تي ڏمرجي ظالم پوليس اهلڪارن گوليون هڻي نوجوان کي سخت زخمي ڪرڻ بعد انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري خوف حراس پکيڙڻ بعد نوجوان کي پوليس موبائل ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ وارثن پاران رات جو ديرسان  پهچي عباسي شھيد اسپتال مان  لاش وصول ڪري پنهنجي ڳوٺ لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ابڙا ڳوٺ روانا ٿي ويا ۽ ان جي تدفين اڄ اباڻي قبرستان بقاپور ۾ ڪئي وئي. هوڏانهن مقتول نوجوان جي ڀاءُ محمد خان ابڙو جو چوڻ ھو ته منهجو ڀاءُ بيقصور آھي ۽ منهنجي نمازي ڀاءُ کي مسجد مان گهلي ٻاهر ڪڍي بيگناھ شھيد ڪري ظالم پوليس اهلڪارن اسان سان ظلم ڪيو آھي. اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعليٰ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان مامعلي جو شفاف نموني سان جانچ ڪري منهنجي ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي