ڪراچي ۾ هٿ ٻڌل ۽ مٿي ۾ گوليون لڳل 2 لاش هٿ

گڏاپ :- سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي مان رت جي راند ختم ٿي سگهيو ,منگھوپير جي زيبو ڳوٺ مان ٻن نامعلوم شخصن جا هٿ ٻڌل ۽ مٿي ۾ گوليون لڳل خالي پلاٽ مان لاش مليا اطلاع تي منگهو پير پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل  ۾وٺي اينڌي ايمبولنس ذريعي کڻائي ضروري ڪاروائي جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال  روانو ڪيا آخري اطلائن تائين نه فوتين جي سڃاڻپ ٿي سگهي هئي ۽ نه وري وارثن جي خبر پئجي سگهي  ۽ نه وري ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيوهو ,تفصيل موجب سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي مان رت جي راند ختم نه ٿي سگهي، منگهو پير ٿاڻي جي حد زيبو ڳوٺ جي خالي پلاٽ مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل ۽ مٿي ۾ گوليون لڳل لاش مليا اطلاع تي منگهو پير پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اينڌھي ايمبولنس ذريعي کڻائي پوسٽ مارٽم جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال پهچايا آخري اطلاعن تائين نه ته فوتين جو ڪو وارث سڃاڻپ جي لاءِ اسپتال پهتو هو ۽ نه وري ڪو واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو