ڪراچي ۾ نينگري آرزُو راجا سان مبينا طور نڪاح ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي :- ڪراچي ۾ نينگري آرزُو راجا سان مبينا طور نڪاح ڪندڙ جوابدار گرفتار، عدالت علي اظهر کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس گذريل رات اسلام قبول ڪرڻ بعد پسند جي شادي ڪندڙ نينگري آرزو کي بازياب ڪرايو هو، وفاقي سرڪار آرزو راجا جي ڪيس ۾ ڌُر بڻجڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته سندن وڪيل عدالت کي ڌُر بڻجڻ جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي اظهر چيو ته آرزو ۽ مون پسند جي شادي ڪئي آهي، آرزو جي گهروارن کي خبر آهي ته اسان ننڍپڻ کان محبت ڪندا هئاسين، هاڻي بيان تبديل ڪرڻ لاءِ آرزو مٿان دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جي جان کي خطرو آهي، اسان مٿان رحم ڪيو وڃي، جڏهن آرزو گڏ هوندي، تڏهن تفصيلي بيان ڏيندس، آرزو غيرمسلم هئي، سڱ ڪيئن گهران ها؟ جوابدار خلاف نينگري آرزو جي پيءُ فريئر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو