ڪراچي ۾ نجي ٽي وي جو اينڪرپرسن مريد عباس قتل

ڪراچي :- ڪراچي ۾ هڪ ڪلاڪ اندر فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر مريد عباس سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، ڊفينس جي علائقي خيابانِ بخاري ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ نجي ٽي وي جو اينڪر پرسن مريد عباس مارجي ويو، گوليون لڳڻ ڪري مريد سان گڏ خضر حيات نالي شخص به مارجي ويو، سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس شيراز نذير موجب مريد عباس جي قتل وارو واقعي جي ذاتي دشمني واري رخ کان به جاچ جاري آهي، مريد عباس ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه ماڻهن خلاف ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي هئي. ايس ايس پي سائوٿ جو چوڻ آهي ته عاطف زمان نالي شخص مريد عباس ۽ خضر کي آفيس گهرايو، عاطف زمان مريد عباس تي فائرنگ ڪي ته خضر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار عاطف خضر کي به گولي هڻي قتل ڪيو. هن ٻڌايو ته مريد عباس سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد عاطف زمان پاڻ کي به فليٽ تي گولي هڻي ڇڏي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي سائوٿ چيو ته عاطف زمان جو مريد عباس سان ڪاروبار تان جهيڙو هلندڙ هو. هوڏانهن مقتول اينڪر مريد عباس جي گهرواري زارا عباس جو به وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته مريد عباس کي عاطف زمان سوا 8 وڳي گهرايو، هن چيو ته عاطف زمان ٽائر جو بزنس ڪندو هو، جنهن ۾ مريد عباس 50 لک رپيا لڳايا هئا. زارا عباس چيو ته رمضان جي مهيني کان عاطف زمان پيسا ڏيڻ جو وعدو ڪري رهيو هو. ڪراچي جي پهلوان ڳوٺ ۾ به فائرنگ جي واقعي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.