ڪراچي ۾ ناليواري شاعر مهر ڊٻائي سان سرهي شام ملهائي وئي

ڪراچي :-  سچ سوشل ويلفيئر پاران سنڌ جي ناليواري شاعر مهر ڊٻائي سان سچل ڳوٺ ۾ سرهي شام ملهائي وئي، جنهن ۾ مختلف سماجي، سياسي اڳواڻن، شاعرن، اديبن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊٻائي مھر چيو ته منهنجي شاعر جو محور سنڌ آهي، ملڪ ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ سنڌ سورن ۾ ئي رهي آهي، ڌرتي جي وسيلن ۽ اختيارن جي ڪيل ڀيل تي اکيون رت روئن ٿيون، خوشحال سنڌ جي 80 سالن ۾ ترقي نه پر رڳو تباهي ٿي آهي، دنيا به چوي پئي ته سنڌ پاڪستان جو برباد ۽ تباهه ٿيل خطو آهي، ملڪ ٺاهيندڙن جي آزادي کانپوء تذليل ڪئي وئي، هاڻ سنڌ لاءِ اٿڻو ۽ لکڻو پوندو، سميع بلوچ چيو ته ڊٻائي سنڌ ۾ مزاحمتي شاعري جو تسلسل آهي، اڄ قوم کي شعور جي ضرورت آهي.هن پنهجي ڏات ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم کي سمجهڻ جي سگهه ڏني آهي، ايم پي اي ڪريم بخش گبول چيو ته شاعر قومن جي ڏکن دردن جا ترجمان هوندا آهن، ڊٻائي چوٽيءَ جو شاعر آهي، هن جي ڪلام ۾ سنڌ جا سڀ ڏک ۽ درد نظر اچن ٿا، ناليواري صحافي يونس مهر چيو ته مهر سنڌ جي شعور جي علامت بڻجي چڪو آھي، جيڪا ڌرتي لاءِ لکن ٿا، اهي ئي وڏا تاريخ دان هوندا آهن، مهر وطن سان محبت ڪري ٿو ۽ ڌرتي سندس محبوب آهي.اصغر باغي چيو ته شاهه، اياز ۽ بخاري کانپوءِ مهر ڊٻائي وڏو نالو آهي، هن سنڌ جي شعور کي ڏات ذريعي جلا بخشي آهي، سنڌ جي خمير مان سدائين مزاحمتي شاعر پيدا ٿيا آهن. ان موقعي تي نوجوان شاعر  ۽ صحافي رزاق عاصي چيو ته ڊٻائي جي شاعري مان سدائين اتساهه مليو آهي، هن هي تخليقن مان ڌرتيء جي مٽيء جي خوشبوء اچي ٿي ۽ هن جا سڀ خيال مٽيءَ سان بي لوث محبت جي عڪاسي آهن.شبير راڄپر چيو ته مهر ڊٻائي گفتار ۽ ڪردار جو پختو ماڻهو آهي، جتي به ظلم ٿئي ٿو هي اتي پهچي عملي جدوجهد به ڪري ٿو، سنڌ سلامت سرواڻ محمد سليمان وساڻ خطاب ۾ چيو ته سنڌ کي جڏهن به ضرورت پئي آهي ته ڊٻائي مهر آواز بڻيو آهي، هن پنهجي شعور سان سنڌ جاڳائي آهي نجوان اديب وحيد محسن چيو ته ڊٻائي سنڌ جو سيلاني شاعر آهي جنهن وستي واهڻ سنڌ جو آواز پهچايو آهي مبارڪ ڀٽي چيو ته ڊٻائي گهڻ رخي شخصيت آهي هي سنڌ سان محبت ڪري ٿو ۽ سنڌ هن سان محبت ڪري ٿي رياض کيمٽيو چيو ته ڊٻائي کي مڃتا ڏيڻ سجاڳي جي علامت آهي،اسان کي پنهجي قومي هيرن جي پيروي ڪرڻي پوندي الطاف جتوئي چيو ته ڊٻائي مهر سنڌ جي روايتن جو امين ۽ سڀاء وارو انسان آهي ههڙا ماڻهو قوم جو اثاثو هوندا آهن. ان موقعي  تي وهاب سومري، شبير لاکي، شفقت نوناري، غوث ٻگهيو، نبي بخش خاصخيلي، امتياز جکراڻي، محمد سچل وڌيو، ھارون جمالي سرور ڀٽي ۽ ٻين پڻ ڀيٽا پيش ڪئي ۽ رهاڻ شروع ٿيڻ کان اڳ ماڻهن ڊٻائي مهر کي اجرڪ،گلدستن جا تحفا پڻ پيش ڪيا.