ڪراچي ۾ محافظن ساٿين سميت عورت کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو

ڪراچي :- ڪراچي جي شادمان ٽائون ۾ عورت سان زيادتيءَ جي الزام ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

متاثر عورت پوليس کي بيان ڏنو ته 26 سيپٽمبر تي منجهند 12 وڳي منهنجي گهر ۾ زبردستي 6 ڄڻا داخل ٿيا، جوابدار پنهنجي ٻن ساٿين سان سرفراز ۽ ڪامران ملڪ جي نالي سان مخاطب ٿي رهيا هئا.

سندس چوڻ هو ته جوابدارن هٿيارن جي ڏڍَ تي مون سان زيادتي ڪئي، تصويرون ڪڍيون ۽ ويڊيو به ٺاهي، ويندي ويندي انهن ڌمڪايو ته ڪنهن کي به ٻڌائڻ جي صورت ۾ نقصان ڀوڳڻو پوندو.

بيان ۾ عورت وڌيڪ ٻڌايو ته مڙس جي گهر اچڻ تي مان کيس سڄو قصو ٻڌايو ۽ ساڻس گڏجي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ٿاڻي پهتيس.

پوليس واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي فرياد تي خواجا اجمير نگري ٿاڻي تي داخل ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس اهلڪار سرفراز ۽ ملڪ دانش سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب اهلڪار سرفراز ڊي آءِ جي ويسٽ آفيس ۽ ملڪ دانش گلشن معمار ۾ مقرر آهي، ٻئي جوابدار متاثر عورت جي پاڙي ۾ ئي رهندا آهن، جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ عبدالرزاق، نعيم، لياقت ۽ ڪامران ملڪ شامل آهن.

واضح رهي ته ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ننهن سان لڄالٽ جي الزام ۾ سهري کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس ايف آءِ آر عورت بيان ڏنو هو ته منهنجو مڙس ڪم جي سلسلي ۾ اسلام آباد رهندو آهي، هو رڳو 10 کان 15 ڏينهن لاءِ گهر ايندو آهي ۽ مان ٽن ٻارن سان گڏ سرجاني ٽائون ۾ اڪيلي رهندي آهيان، مڙس جي غير حاضري ۾ سهري مون تي تشدد ڪيو ۽ لڄالٽ پڻ ڪئي، مڙس ۽ مائٽن کي آگاهه ڪيم ته انهن مون کان ثبوت گهريا، جنهن کانپوءِ مان ثبوت طور سهري جي ويڊيو ٺاهي.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار صفدر کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.