ڪراچي ۾ ماڪڙ جو حملو سنڌ حڪومت ڪنٽرول نه ڪري سگهي

ڪراچي:- ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ماڪڙ جي حملي جي ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل تباهه ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.ڪراچي جي ملير جي زرعي علائقي ۾ ماڪڙ جي حملي جي ڪري آبادگار پريشان آهن ۽ هنن پنهنجي ڪيترن ئي ايڪڙن  تي بيٺل فصل جي تباهه جي خدشي جي نظر ۾ رکندي  سنڌ حڪومت کان  مدد جي اپيل ڪئي آهي.آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ماڙڪ جي حملي کان بچاءَ لاءِ فوري بندوبست ڪري، گذر3 ڏهاڪن کان علائقي جراثيم ڪش اسپري به ناهي ڪيو ويو.ٽيڪنيڪل ايدوائزر ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان معظم خان جو چوڻ آهي ته هن سال مينهن ۽ گرمي  جي ڪري ماڪڙ جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي، ان کان اڳ 1960ع ڪراچي ۾ ماڪڙ حملو ڪيو هو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ماڪڙ تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ پلانٽ پروٽيڪشن جو کاتو هوندو آهي، ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ فوري طور تي شهر ۾ فيوميگيشن جي ضرورت آهي.