ڪراچي ۾ قبرستان ۽ فُٽ پاٿ به وڪرو ڪيا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي :-  سنڌ هاءِ ڪورٽ سوسائٽي جي نالي تي فراڊ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هتي سڀ وڪڻيو واري پاليسي هلي رهي آهي، ڪراچي ۾ قبرستان ۽ فُٽ پاٿ به وڪرو ڪيا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوسائٽي جي نالي تي ماڻهن سان فراڊ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالتي حڪم تي نيب جي ڊي جي آپريشنز ظاهر شاهه ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ پُڇيو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي حوالي سان جي آءِ ٽي جاچ آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ اڪثر جاچ آفيسرز کي جي آءِ ٽي سان گڏ لڳايو ويو آهي. هر ڀيري آفيسرز جو هڪ ئي جواب ايندو آهي ته هو جي آءِ ٽي ۾ مصروف آهن.
نيب جي ڊي جي آپريشنز عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه جاچ آفيسرز کي وڌيڪ ڪيسز ڏنا ويا آهن، هاڻ ڪوشش ڪريون پيا ته نيب جا ڪيس وڌيڪ التوا جو شڪار نه ٿين. جنهن تي ايڊووڪيٽ محمد واوڊا دليل ڏيندي چيو ته نيب بنا جواز ماڻهن جا اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن به هن ملڪ سان راند ڪئي آهي نه، سڀ وڪڻي ڇڏيو واري پاليسي هلي رهي آهي. ڪراچي ۾ قبرستان ۽ فٽ پاٿ به وڪڻيا ويا آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي جوابدار عبدالسلام ۽ ٻين خلاف 25 سيپٽمبر تائين انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.