ڪراچي ۾ فلپائني عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ڪراچي:- ڪراچي جي گِزري واري علائقي پي اين ٽي ڪالوني ۾ هڪ فليٽ مان 40 ورهين جي فلپائني عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، پوليس لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو پهريون نالو جووي هو، جڏهن ته هو شادي کانپوءِ مسلمان ٿي هئي ۽ سندس اسلامي نالو زارا رکيو ويو، ڪجهه عرصو اڳ عورت جي پنهنجي مڙس سان طلاق ٿي هئي ۽ هو فليٽ ۾ اڪيلي رهندي هئي،شروعاتي جاچ موجب واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.