ڪراچي ۾ عمارت کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي سڙي فوت

ڪراچي ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ واقعي پوليس اهلڪار جو گهر اُجاڙي ڇڏيو، هجرت ڪالوني ۾ عمارت کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي سڙي فوت، 7 ڄڻا زخمي، سڙي فوت ٿيلن ۾ پوليس اهلڪار توقير جي امڙ عشرت، گهرواري وسيلا، ڏيڍ سال جي ڌيءُ آيت ۽ ڀاءُ شهريار شامل، پوليس جو چوڻ آهي ته صبح جي وقت هڪ دڪان کي باهه لڳي، فائربرگيڊ عملي جي پهچڻ کان اڳ ئي باهه دڪان مٿان تعمير ٿيل گهر کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ريسڪيو ٽيمن فوت ٿيلن جا سڙيل لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا، زخمين کي به اسپتال منتقل ڪيو ويو