ڪراچي ۾ شهرين چوري جي ڪوشش جي الزام هيٺ هڪ نينگر کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي :-  ڪراچي ۾ شهرين چوري جي ڪوشش جي الزام هيٺ هڪ نينگر کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورن ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بهادرآباد جي علائقي ڪوڪن سوسائٽي ۾ صبح ڌاري علائقي واسين انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، جتي 15 ورهين جي نينگر ريحان کي چوري جي ڪوشش جي الزام ۾ پڪڙيو ۽ پوءِ کيس رسن سان ٻڌي سندس پينٽ لاٿي ۽ سڀني ٻن ڪلاڪن تائين معصوم کي تشدد جو نشانو بڻايو. نينگر کي لتن ۽ مٿن کانسواءِ ڏنڊا به هنيا ويا. وحشي صفت جوابدارن نينگر جي تشدد جي وڊيو به رڪارڊ ڪئي، جيڪا منظر عام تي اچي وئي آهي. نينگر جي حالت خراب ٿي وئي ته رينجرز کي اطلاع ڏنو ويو، رينجرز پهچي نينگر کي ڇڏائي اسپتال ڪري رهي هئي ته معصوم رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نينگر جي سڃاڻپ 15 ورهين جي ريحان طور ٿي، جيڪو لائينز ايريا جو رهواسي هو، نينگر پاڻ ڪاسائين سان گڏجي ڪم ڪندو هو، سندس والد درزي آهي. مقتول نينگر جي وارثن موجب نينگر صبح جو اهوئي چئي گھران نڪتو ته ڪنهن کان پئسا وٺڻا آهن، جنهن بعد هو واپس نه موٽيو، هاڻي هن واقعي جي خبر ملي آهي. هوڏانهن واقعي بعد پوليس ڇاپا هڻي بنگلي جي مالڪ دانيال ۽ سندس مائٽ زبير کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيا جوابدار هٿ اچي نه سگهيا. گرفتار جوابدارن پوليس آڏو بيان ڏيندي چيو ته مارجي ويل چور پنهنجي ساٿي سان گڏجي بنگلي ۾ داخل ٿيو، اسان ٻنهي چورن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ چور ٽئين منزل تان ٽپو ڏنو، جنهن کي اسان پڪڙي ورتو ته پاڙيوارا گڏجي ويا، جن سڀني گڏجي نينگر تي تشدد ڪيو. مارڪٽ سبب نينگر جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد رينجرز کي ڪال ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي تي سخت ڪاوڙ جو ا ظهار ڪيو، وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ کي حڪم ڪيو ته سمورا جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته هتي جھنگ جو قانون ناهي جو ماڻهو پاڻ ڪارروائي ڪن، جيڪو انسانيت جو قدر نه ڪندو، اهو انسان سڏائڻ جي قابل ناهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.