ڪراچي ۾ شاگرد جي ماسترياڻي سان زيادتي جي ڪوشش، مزاحمت تي قتل

ڪراچي:- ڪراچي جي سرجاني واري علائقي ۾ قاتل پنهنجي ٽيوشن ٽيچر ۽ پاڙيسري کي تيز اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.سرجاني انويسٽي گيشن پوليس 5 جنوري تي سيڪٽر 36 بي ۾ 3 ٻارن جي ماءُ جي قتل ۾ ملوث 19 سالن جي محسن سليم کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار مقتولا جو پاڙيسري هو جڏهن ته مقتولا جوابدار جي ٽيوشن ٽيچر به هئي، واقعي واري ڏينهن مقتولا کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي جوابدار گهر ۾ داخل ٿيو ۽ مقتولا سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس ٻڌايو ته مقتولا ياسمين زبردستي جي ڪوشش تي جوابدار کي ان جي گهروارن ۽ وارثن کي ٻڌائڻ جي ڌمڪي ڏني ته هن ياسمين جو ڳلو ڪپي ان کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي کي ڌاڙي جي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جوابدار مقتولا جي موبائيل ۽ پرس چوري ڪئي ۽ گهر اچي ويو، جوابدار جي قبضي مان قتل وارو اوزار به هٿ ڪيو ويو آهي.