ڪراچي ۾ سنڌ سُجاڳي فورم پاران شاھ عبداللطيف ڀٽائي بلڊ ڪئمپ قائم ڪئي وئي

ڪراچي :- سنڌ سُجاڳي فورم پاران انسانيت جي خدمت جي جذبي ھيٺ سنڌ جي دل ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جي بلڊ ليبارٽري ۾ بلڊ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪالھ 30 جون 2019 جي شام 5 کان رات 11 وڳي تائين مرتضيٰ چوڪ بلال ڪالوني ڪورنگيءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي بلڊ ڪئمپ قائم ڪئي وئي ھُئي، جنھن ڪئمپ ۾ سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محب آزاد، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري گل حسن لاکي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري جنرل لطيف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جُھلڻ، فائنانس سيڪريٽري سنڌو ساگر، ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، ڪورنگي ضلعي جي چيف آرگنائيزر منصور جمالي، آرگنائيزر ريجھو مل، آرگنائيزر شعيب شيخ، آرگنائيزر رابيل ابڙي ۽ ڪراچي ڏکڻ جي آرگنائيزر ارجن باگڙي، آرگنائيزر سڪندر اوٺي، آرگنائيزر ھمت ڦلپوٽي ۽ ميمبرن ۾ صداقت شيخ، مجاھد شيخ، اعزاز لغاري، سرور لغاري، سيد زمان شاھ، محب آدرش مھر، راجا سھتي، بشير ڪلادي، ماڻڪ سرگاڻي، اسد جويي، مصري ميگھواڙ، رويداس ميگھواڙ، ھشمت ميگھواڙ، سرفراز احمد، نعيم کوسي، لڇمڻ داس، اختر، ڪليم اللہ، آفتاب احمد، عبدالرزاق، پون ڪمار، اياز علي، راجا جھانگير، محمد ايوب، بچل شر، محمد اويس، جاويد علي چانڊيو، غلام علي چانڊيو، محبوب رحمان ۽ وڏي تعداد ۾ ھمدرد دوستن حصو ورتو ۽ رت جو عطيو ڏنو ۽ تقريبن 50 جي لڳ ڀڳ رت جون بوتلون جناح اسپتال جي بلڊ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايون ويون.