ڪراچي ۾ سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس پاران بحريا ٽائون خلاف ريلي

ڪراچي : ڪراچي ۾ سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس پاران بحريا ٽائون خلاف ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ عورتن جو وڏو انگ شريڪ، بحريا ٽائون انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، عورتن جي ھٿن ۾ بحريا ٽائون خلاف لکيل بينرز ھئا، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا، ھنن چيو تھ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ڪيسز جي مذمت ڪيون ٿا.