ڪراچي ۾ سبزي جو دڪان هلائيندڙ نوجوان عرفان سولنگي کي سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار کنڀي ويا

ڪراچي:- عرفان بابر سولنگي جيڪو ڪيو آء سي ٽي ملازم ۽ سبزي جو دڪان ھلائي پيٽ گزر ڪري ٿو تنھنکي فجر جي نماز مھل ٽن گاڏين ۾ سوار سادن ڪپڙن وارا اھلڪار سندس گلشن حديد فيز ٽو واري گھر ۾ گھڙي تلاشي وٺي ڪجھ نه ملڻ کانپوء سندس ۽ سندس گھر واري جي موبائيل فون کسي کيس اھو چئي وٺي ويا ته ٿورو ڪم آ اسان سان ھل سندس ڀاءُ ذوالفقار سولنگي جو چوڻ آهي ته کيس جان جو خطرو لاحق ٿيندو سندس ڪوبه ڏس پتو ناھي آء جي سنڌ کان مطالبو ٿو ڪجي ته کيس بازياب ڪرائي رھا ڪيو وڃي.