ڪراچي ۾ سئو ڪتابن جي ليکڪ الطاف شيخ جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي :- سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن, شاعرن, اديبن ۽ دانشورن ڪتابن جي سينچري مڪمل ٿيڻ تي ناليواري ليکڪ الطاف شيخ کي سرڪاري سطح تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.سنڌ گريجوئٽس ائسوسيئشن ڀٽائي آباد شاخ طرفان, سفر نامن ذريعي سننڌ واسين کي دنيا جو سير ڪرائندڙ ناليواري ليکڪ محترم الطاف شيخ جي مان  تقريب ڪوٺائي وئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي سگا جي سينئر ميمبر ۽ تعليم واري اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق چيو ته الطاف شيخ قلمي دنيا جو وڏو نالو آھي, جنهن جي قلمي پورهئي کي ڪنهن تقريب نه پر سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ ذريعي مڃتا ملڻ گهرجي.هن چيو ته الطاف شيخ سنڌ جي سڃاڻپ آهي, انهي ڪري سڄاڻ دوست ٺهراء جو ڊرافٽ تيار ڪن ته جئين اهو سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي.ناليواري شاعر امداد حسيني چيو ته الطاف شيخ انهن ليکڪن مان هڪ آھي, جنهن جو هر گهر نه ته ٻئين ٽيئن گهر ۾ سفر نامو ضرور هوندو.هن چيو ته سئو ڪتاب مڪمل ٿيڻ تي الطاف شيخ جي مان ۾ ھڪ وڏي شاندار تقريب ٿيڻ گهرجي.سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته الطاف شيخ جا اڻڳڻيا سفر ناما آھن, انهي ڪري جڏھن مون سفر نامو لکيو ته کائنس پڇي عنوان ڏيڻو پيو ته ڪٿي اهو عنوان سندس ڪنهن سفر نامي جو ته ناهي.پروفيسر اعجاز قريشي خطاب ڪندي چيو ته جڏھن هو پرڏيهه ويو ته هن الطاف شيخ جي سفر نامن مان مدد ورتي.تقريب کي خطاب ڪندي الطاف شيخ چيو ته اڳ سنڌي پرڏيهه ۾ گهٽ هوندا هئا, هاڻ ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ خاندانن جا خاندان رهن ٿا.هن نوجوان نسل کي اپيل ڪئي ته گهر ۾ ڪتاب ضرور رکن ۽ مطالعو ڪن.ان موقعي تي هدايت بلوچ شاعري ذريعي الطاف شيخ کي ڀيٽا پيش ڪئي.تقريب کي خالد حسين چنا, ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي, انور مهراڻوي, سبينا شهباز , جاويد مهر ۽ سليمان وساڻ به خطاب ڪيو.