ڪراچي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران سيد مسعود شاه ۽ شوڪت مرکنڊ جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي :جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مسعود شاھ ۽ شوڪت مرکنڊ کي کنڀ گم ڪرڻ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو

هنن جو چوڻ هيو ته مسعود شاھ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد هيو . ان ڪيس کي خراب ڪرڻ لاء کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي
ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي کي گرفتار ڪرڻ حق اڀ ڏاريندڙ نعره پڻ هڻي رهيا هئا . احتجاج ڪندڙ وائيس آف سنڌ لنڊن سان ڳالهائيندي ته سيد مسعود شاه ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو مک گواهه آهي شوڪت مرکنڊ کي به رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي اسين مطالبو ٿا ڪيون ته سيد مسعود شاهه ۽ شوڪت مرکنڊ کي جلد آزاد ڪيو وڃي