ڪراچي ۾ جسم جي تحفظ سنڌ ريلي، هزارين ماڻهن جي شرڪت، ڌرتيءَ جي حفاظت هاڻي اسيمبليون نه پر عوام ڪندو: رياض چانڊيو

ڪراچي :- جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي تھ آئين ۾ ڪٿي بھ لکيل ناهي تھ ڌرتي ڌڻين جي مرضي کانسواءِ صوبو ٺاهيو وڃي، هاڻي ڌرتي جو تحفظ اسيمبليون نھ پر سنڌ جو باشعور عوام ڪندو. ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران گورا قبرستان کان تحفظ سنڌ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو پرامن مارچ ڪيوويو. تحفظ سنڌ ريلي ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊئي، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، نسيم شاهاڻي ، عابد حسين حيدري، ناياب سرڪش سنڌي، عزيزالله ڀُٽي، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ممتاز بروهي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود هو. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو ريلي کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ آهي. هن چيو تھ عمران خان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي، هاڻي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو تھ ملڪ جي معيشيت تباهه آهي پر حڪمران ڪرپشن ۾ پورا آهن، جسم چيئرمين چيو تھ سنڌين کي رڳو بک ۽ بدحالي ڏني وئي، روزگار تي ڌارين جو قبضو آهي. هن چيو تھ رتيديري ۾ اڳواڻ رڳو ڪرپشن ۾ پورا آهن جن کي ايڇ آءِ وي نظر نھ ٿي اچي. ‎سندس چوڻ هو تھ گهوٽڪي مندر واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي. رياض چانڊيو چيو تھ حليم عادل شيخ ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊهرائي افغانين، برمين ۽ بنگالين جو تحفظ ڪري رهيو آهي. جسقم جي اڳواڻ نياز ڪالاڻي چيو تھ اردو ڳالهائيندڙ ڌرتي ماءُ جي ورهاڱي جي ڳالهه نھ ڪن، سندن مزاج صوفياڻو آهي، اردو ڳالهائيندڙ ان جو احترام ڪن هن چيو تھ جيستائين هڪ بھ سنڌي زندهه آهي، سنڌ جي ورهاست نھ ٿيندي. سندس چوڻ هو تھ ٻاهتر سال گذرڻ باوجود ڀارت مان لڏي آيل مهاجر سنڌي نھ ٿي سگهيا آهن، اردو ڳالهائڻ وارن کان کين نفرت ناهي پر مهاجر سنڌ کان پاڻ کي ڌار سمجهن ٿا. نواز شاهه ڀاڏائي چيو تھ سنڌ ۾ هر ايندڙ کي سنڌ پناهه ۽ عزت ڏني، سنڌ جي بقا لاءِ هر سنڌي پنهنجي جان ڏيڻ کان نھ ڪيٻائيندو. هن چيو تھ عمران خان کي تهذيب جي ڪهڙي خبر کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو تھ سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ واپس ڀارت وڃي سگهن ٿا. ‎ناياب سرڪش سنڌي چيو تھ سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هميشھ هڪ رهندي. اسد قريشي چيو تھ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم آئين جي غلط تشريح ڪئي، سنڌ جي وحدت خلاف سازش ڪنهن بھ صورت ۾ هو برداشت نه ڪندا.