ڪراچي ۾ جسقم ( آريسر) پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي عالمي ڏھاڙي تي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي :- جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر) پاران کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي عالمي ڏھاڙي تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل، قومي ڪارڪنن، شاگردن، استادن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ پورھيتن جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو جسقم چيئرمين اسلم خير پوري ۽ سينيئر وائيس چيئرمين امير حسن پنھور، اشرف بھليم، غازي عبدالحق جکراڻي، جساف مرڪزي اڳواڻ سعيد سنڌي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ سُجاڳي فورم جي وفد مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري گل حسن لاکي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري لطيف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جُھلڻ، ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، ڪورنگي ضلعي جي چيف آرگنائيزر منصور جمالي، آرگنائيزر ھمت ڦلپوٽي، آرگنائيزر رابيل ابڙي، حامد سرگاڻي، ۽ ٻين ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مسعود شاھ، ڊويزن اڳواڻ آفتاب شاھ، جسم اڳواڻ ۽ ليکڪ انعام عباسي، صحافي رزاق عاصي، ادي راڻي ڀٽي، جسقم اڳواڻ اشفاق ميمڻ، ساجد ڦلپوٽو، سماجي اڳواڻ ولي راڄپر، ھيومن رائيٽس اڳواڻ پروفيسر بدر سومري، بلوچ ھيومن رائيٽس اڳواڻ زاھد بگٽي، صحافي اسد رڏ، مير ڪيريي ۽ ٻين ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.