ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي :- ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي جنهن کان پوءِ رجسٽرڊ ٿيل ڪيسن جو انگ 7 ٿي ويو.ڪراچي ۾ ٿيل هاڻوڪين مون سون برساتن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جن ۾ کارادر جي علائقي ۾ عمير نالي نوجوان به شامل هو.عمير جي ڀاءُ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي ته آرٽيڪل 322 ۽ پاڪستان پينل ڪوٽ 268 تحت ڪي اليڪٽرڪ اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف داخل ٿيل ڪيسن جو انگ 7 ٿي ويو هن وقت تائين پوليس ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي.