ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ڀرسان پوليس جي مبينا ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي :- ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ڀرسان پوليس جي مبينا ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد گرفتار ٿي ويا. مبينا ٽائون ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ڀرسان ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد آصف منور، رفاق ۽ دانش تخريبڪاري جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، وٽانئن دستي بم، 3 پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.مبينا ٽائون ٿاڻي تي دهشتگردي ۽ غيرقانوني طور هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اُن کانسواءِ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به سندن خلاف 15 کان وڌيڪ ڪيس دخل ٿيل آهن. پوليس موجب پنجاب ۾ آصف منور کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ڏوهارين کان جاچ جاري آهي.