ڪراچي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊار ٻيٽ تي وفاقي والار خلاف مارچ

ڪراچي :- ڪراچي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊار ٻيٽ تي وفاقي والار خلاف مارچ، ملير کان وڏي تعداد ۾ نڪتل قافلن طرفان گورنر هائوس پهچڻ بعد مظاهرو، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس ۾ ياداشتنامو پيش ڪري ڇڏيو، يادداشتنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي وفاقي قبضي لاءِ آرڊيننس جي صورت ۾ جاري ٿيل نادر شاهي حڪم آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي سرڪار آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس واپس وٺي سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري، وفاق طرفان سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ کي صوبي جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند تصور ڪيو ويندو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۾ پيپلز پارٽي به ڀائيوار آهي، سنڌ جو عوام وسيلن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندو، ايس ٽي پي طرفان آرڊيننس رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.