ڪراچي ۾ انسانيت جي تذليل: نوجوان کي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ويهڪ واري جاءِ تي پيٽرول وڌو ويو

ڪراچي :- ڪراچي ۾ نوجوان کي وحشياڻي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو. وڊيو سامهون اچڻ بعد پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. مواڇ ڳوٺ ۾ ريحان پٽ رياض نالي نوجوان کي پڪڙي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ 2 جوابدار نوجوان کي پڪڙي سندس پينٽ لاهي مٿس تشدد ڪن ٿا ۽ پوءِ ويهڪ واري جاءِ تي پيٽرول هارين ٿا، جنهن دوران نوجوان رڙيون ڪندي روئي رهيو آهي، وڊيو ۾ جوابدار نوجوان کي ڌمڪيون به ڏين ٿا ته نياڻين ۾ ٿو اچي. سيد آباد پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان ڀڄي ويو آهي، سندس پيءُ ٿاڻي تي اچي واقعي بابت اطلاع ڏنو، جنهن بعد هڪ جوابدار عمران کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، متاثر نوجوان جو بيان به ورتو ويندو. واضح رهي ته بهادر آباد ۾ به چوري جي الزام ۾ هڪ نينگر کي شهرين رسن سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو هو، ان نينگر جو نالو به اتفاق سان ريحان ئي هو. جيڪو اسپتال نيئندي زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو هو. جنهن جو قتل ڪيس به عدالت ۾ هلي رهيو آهي.