ڪراچي ۾ امدادي سامان دڪانن تي وڪرو ٿيڻ لڳو، هڪ دڪاندار گرفتار

ڪراچي: لاڪ ڊائون سبب روزاني ڏهاڙي ڪمائيندر طبقو ۽ نادار ماڻهن لاءِ مختلف ادارن ۽ مخير ماڻهن پاران راشن ورهايو پيو وڃي پر ان صورتحال جو فائدو وٺندي ڪجهه ڦورو به سرگرم ٿي ويا آهن.شهر ۾ مستحق ماڻهو امدادي سامان لاءِ واجهائي رهيا آهن پر ڦورو اهو راشن جمع ڪري وڪرو ڪرڻ لڳا آهن.هڪ دڪان تي جڏهن امدادي راشن وڪرو ڪرڻ لاءِ مرد ۽ عورت آيا ته دڪاندار انهن جي ڳجهي نموني وڊيو ٺاهي ورتي، راشن وڪري لاءِ کڻي ايندڙن راشن بجاءِ شيمپو، صابڻ وغيره ۽ روڪ رقم جي گهر ڪئي.دڪاندار جي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن وٽ 4 کان 5 مڻ راشن گهر ۾ موجود آهي جنهن کي هو وڪڻڻ چاهن ٿا پر دڪاندار هنن کي وقتي طور تي راشن وٺڻ کان انڪار ڪندي کين گهر روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف گلشن اقبال پوليس امدادي سامان وڪرو ڪرڻ تي دڪاندار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.