ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسن تي پوليس جي تشدد بعد حڪومت ۽ نرسن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب

ڪراچي :-  وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سڀاڻي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، نرسن نوٽيفڪيشن وصول ڪرڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مختلف شهرن کان پهتل عورت ۽ مرد نرسز مطالبن جي مڃتا لاءِ وزيراعليٰ هائوس تائين مارچ ڪيو ويو ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيندي ئي پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس مظاهرين کي پي آءِ ڊي سي چوڪ اڳيان روڪي ورتو ۽ لٺيون وسائي کين تشدد جو نشانو بڻايو. لٺبازي دوران مظاهرين ۽ اهلڪارن وچ ۾ چڪريون به ٿيون، پي ٽي آءِ سنڌ جا اڳواڻ به نرسز جي مظاهري ۾ شامل ٿي ويا، جنهن وقت پوليس طرفان مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ به اُن جي وڪڙ ۾ اچي ويا. پوليس مختلف هنڌن تي روڪڻ بعد مظاهرين کي کنڀڻ شروع ڪيو ۽ 20 کان وڌيڪ عورت ۽ مرد نرسز کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي وزير جي هدايت کانپوءِ گرفتار مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي. جنهن بعد وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ نرسن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران ترقين ۽ پگهارن سميت مختلف مطالبا رکيا ويا، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، مطالبن جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، جيڪو سڀاڻي پريس ڪلب تي نرسن حوالي ڪيو ويندو، نرسن جو چوڻ آهي ته في الحال احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ناهي ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن وصول ڪرڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويندو. مرتضي وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نرسن سان معاملا پهريان ئي طئي ٿي چڪا هئا پر پي ٽي آءِ جي ماڻهن غلط بياني ڪري کين مڇرايو هو