ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسز تي پوليس اهلڪار ڪڙڪي پيا، رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي: مظاهرين

ڪراچي :- ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج ڪندڙ نرسز تي پوليس اهلڪار ڪڙڪي پيا. ڪراچي پريس ڪلب آڏو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج ڪندڙ نرسز گورنر هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار مٿن ڪڙڪي پيا. اهلڪارن مظاهرين کي روڪڻ لاءِ لٺبازي ڪئي، جنهن بعد مڇريل ماڻهن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون به ٿيون. پوليس جي لٺبازي ۾ 2 مظاهرين زخمي ٿي پيا،جڏهن ته اهلڪار 8 کان وڌيڪ مظاهرين کي کنڀي ويا. مظاهرين پروموشن، اپگريڊيشن، نرسز جون نيون ڀرتيون ۽ ٻين مطالبن جي مڃتاء تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته هڪ پاسي سندن مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، ٻئي پاسي آواز اٿارڻ تي کين رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي.