ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 6 نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، عبداللطيف سولنگي، عبدالڪريم ٽڳڙ، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪراچي توڙي لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي اسان جي پيارن شيراز احمد، فراز سومرو، انصاف دايو، مرتضيٰ سولنگي، ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ غلام عمر مغيري کي بيگناهه جبري طور کنڀي گم ڪيو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان جي نوجوانن جو ڪنهن پارٽي سان واسطو نه آهي، اهي شريف شهري هجڻ سان گڏ محب وطن پڻ آهن، پر تنهن جي باوجود کين کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ اسان جي گهرن ۾ مايوسي ۽ پريشاني واري صورتحال ڇايل آهي. احتجاج ڪندڙ وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي اسان ۾ پيدا ٿيل مايوسي ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي.