ڪراچي ۽ حيدرآباد۾ڪوروناجا 2 ڪيس ظاهر:انگ15ٿي ويو صحت کاتي وڌيڪ ٻن ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

 ڪراچي سان گڏ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو. صحت کاتي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جو متاثر ايران ۽ حيدرآباد ۾ متاثر شام ملڪ کان پهتو هو. ٽيسٽ رپورٽس ۾ ٻنهي ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اهڙي ريت وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.