ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي رد، سيو سنڌ ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد:- سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڪراچي کي وفاق پنهنجي ماتحت هلائڻ واري امڪاني حڪم نامي ۽ ٺهيل 6 رڪني رابطا ڪميٽي خلاف حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، اي پي سي ۾ مسلم ليگ(ن)، ايس يو پي، جماعت اسلامي، جي يو آئي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي شرڪت ڪري ڪراچي بابت پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي جوڙيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي رد ڪندي سنڌ جي وحدت تي وار جي لاءِ ٿيندڙ سازشن خلاف سيو سنڌ ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پيپلزپارٽي ٻٽي مڪاني نظام جيان رات جي اونداهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو حصو ٿي سنڌ جي ماڻهن پاران ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي، ڪراچي جي مسئلن جون ذميوار پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم آهن، وفاق سنڌ جي سمنڊ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش پاڪستان کي ورهائڻ جي سازش آهي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان قومن جي خودمختياري ۽ آئين جي بالادستي لاءِ اسان مظلوم قومون هڪٻئي سان گڏ رهيا آهيون، سنڌ ۾ ڪنهن به نسلي ۽ انتظامي بنيادن تي ورهاست ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ هڪ آهي، اسان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا مستقل شهري آهيون، سنڌ ۾ ڪا به وفاقي سازش قبول نه ڪنداسين، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڌرتي ماءُ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪراچي واري معاملي ۾ نسل پرست ڌرين، پي ٽي آئي ۽ پيپپلزپارٽي جو ڳٺجوڙ آهي، ڪراچي جو ڪو مسئلو ناهي، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي ٽنهي گڏجي بحران پيدا ڪيو آهي، هو ان بحران کي آڻي سنڌ کي ورهائڻ ايجنڊا تي عمل ڪري خانه جنگي وارو ماحول پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم مٿان ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪيون ٿا، 73ع جي آئين ۾ ترميم ڪري سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن کي پنهنجي زمين تي مالڪي ڏني وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان سيو سنڌ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سمورين جماعتن جدوجهد کي مستقل بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان لاءِ اسان سيو سنڌ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيون ٿا، جنهن جي گڏجاڻي جلد گهرائي ويندي، ڪميٽي ۾ وفاقي پارٽين جا صوبائي صدر ۽ سنڌ جي قومپرست پارٽين جا سربراهه ميمبر هوندا، ڪميٽي سنڌ جي ورهاڱي جي لاءِ ٿيندڙ سازشن ۽ سنڌ جي سمنڊ، سامونڊي ٻيٽن تي قبضن خلاف به جدوجهد ڪندي، موجوده وفاقي سرڪار ڏنگي ۽ ڀنڊا ٻيٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڏينهن جو ڪراچي جي حوالي سان وفاقي سرڪار جي قدمن خلاف احتجاج ڪري ٿي ۽ رات جي پيٽ ۾ وري انهن سان گڏ ويهي ڪميٽيون ٺاهي ٿي، پيپلزپارٽي جي اهڙي ٻٽي پاليسي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ۽ ڪراچي جي حوالي سان ڪنهن به ڪميٽي کي تسليم نٿا ڪريون. هن چيو ته اسان پاڪستان نه کپي جا نعرا نٿا هڻو، پر جيئي سنڌ چوڻ جو حق رکون ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ڪم نٿي ڪري ۽ ايم ڪيو ايم ڪچرو نٿي کڻائي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪراچي تي وفاق قبضو ڪري ڇڏي، مرڪز جي مرضي آهي ته سمنڊ ۾ صوبائي سامونڊي حدون ختم ڪري نيشنل حدون ٺاهيون وڃن، هو سڌيون نيشنل حدون ٺاهڻ چاهين ٿا ته جيئن کين سي پيڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ٿئي. هن چيو ته سي پيڪ کانپوءِ هنن اهو وڏي شدت سان محسوس ڪيو آهي ته صوبن جون سامونڊي حدون ختم ڪيون وڃن، پورٽ تي قبضو ڪرڻ سميت وڌيڪ پورٽ ٺاهيا وڃن، مرڪز جون اکيون سنڌ جي سمنڊ تي آهن، اهڙي سازش جي خلاف اسان کي تيار رهڻو پوندو ۽ ڪراچي وارو شوشو ان منصوبي جو حصو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ خراب حڪمراني جو ئي نتيجو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ڪچري تي وڙهي رهيون آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ اهو چوي ها ته حڪومت اسان جي آهي، اختيار اسان جو هلندو آهي، پر هنن اهڙو ڪجهه به نه ڳالهايو. مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي منظم قوم آهي، ڪراچي وارو معاملو سنڌ جي قومي بقاءَ جي جنگ آهي، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. هن چيو ته ڪراچي جو مسئلو صرف پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو ناهي، پر هي بين الااقوامي سازش آهي، ڪراچي کي صوبو نه پر ملڪ بنائڻ جي سازش پئي ڪئي وڃي، مسلم ليگ(ن) سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته عمران خان ڪٺ پتلي آهي، ان جي هٿ ۾ ته ڪجهه به ناهي، هي بين الااقوامي سازش آهي، جنهن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت آهي. نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه حئي بلوچ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي پورهيت ۽ مظلوم ماڻهن کي پاڻ ۾ گڏائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان جا مسئلا هڪجهڙا آهن، ڌرتي جي وارثن کي پنهنجي ڌرتي تان ڌڪي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيل آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ گوادر ضلعو وفاق جي حوالي آهي، مظلوم قومن جي دشمنن جو مقصد ڪراچي ۽ گوادر تي قبضو ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي قومن، قومي حقن ۽ ٻولين کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. سنڌين ۽ بلوچستان کي منظم ٿيڻو پوندو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته بلوچ ۽ سنڌي هن وقت منظم ناهن. سنڌ جي قومي تشخص خلاف ٿيندڙن سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته قومن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ گڏجي طاقتور انداز سان طاقتور ڌرين کي اهو چون ته توهان هن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي، توهان جي ناقص ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا، توهان هاڻ هن ملڪ کي نٿا هلائي سگهو. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران رات جي اونداهي ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ شرڪت ڪري سنڌ جا شهر لکي ڏئي اچن ٿا، پيپلزپارٽي اڳ به ٻٽو مڪاني نظام آڻي شهر دهشتگردن جي حوالي ڪيا هئا، هاڻ وري اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون چيو ته جي يو آئي جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان سنڌ جي ورهاست کي پاڪستان جي ورهاست سمجهون ٿا، جي يو آئي سنڌ ۽ مرڪز جي قيادت سنڌ جي ماڻهن سان گڏ هوندي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجو چيو ته ڪراچي ڪميٽي جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو، نااهل حڪمرانن جي سزا سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڇو ٿي ڏني وڃي. هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڦرڻ عالمي سازش آهي، هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي ٺاهڻ جي حمايت ڪيون ٿا، هن تجويز ڏني ته هڙتال جو سڏ ڏنو وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جاويد راڄپر چيو ته حڪمران ڌر ۽ نسل پرست قوتن وچ ۾ جهيڙو ملڪيت تي آهي، هنن جو ڪراچي جي شهرين سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، ڪراچي کي ٻاهران کڻي نه آيا هئا، رڳو ڪراچي ڪميٽي جي ڳالهه ناهي، پر بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي کي سنڌ جون زمينون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ جي زمينن تي قبضو به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش آهي. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ سڪندر يوسفزئي چيو ته ڪراچي واري مسئلي تي اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون، سنڌ تي حڪمراني جو حق سنڌين کي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ هڪ انچ تي سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي. هن چيو ته اسان ماضي ۾ پونم جي پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪري چڪا آهيون. جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي چيو ته اسان ڪراچي جي حوالي سان وفاق جي ڪميٽي کي قبول نٿا ڪريون، سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت رهي آهي، هنن ملي سنڌ جي شهرن کي برباد ڪيو آهي، اسان سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهيون، ان موقعي تي پروفيسر مشتاق ميراڻي ڪراچي جي حوالي سان ٺاهيل پريزننٽيشن پيش ڪندي چيو ته 1947ع جي قرارداد موجب سنڌ خودمختيار ۽ سپريم پاور جي حيثيت ۾ آهي، سنڌ جو هر فيصلو سنڌ ڪندي، سنڌ جي ڪنهن به معاملي ۾ وفاق ڪا به مداخلت نٿو ڪري سگهي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن پڻ شرڪت ڪئي.  آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي چيو ويو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ پنجابي قومن جي مادر وطن تي ٻڌل ملڪ آهي، پاڪستان کي اعتماد ۽ ڪاميابي سان هلائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته وفاقي جمهوري پارلياماني نظام جو رستو اختيار ڪيو وڃي، آئين جي بالادستي، بااختيار پارليامينٽ ۽ آزاد عدليا ذريعي پاڪستان ۾ سمورن مسئلن ۽ ڪمزورين کي حل ڪري سگهجي ٿو. قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ موجود وفاقي اڪائين کي پنهنجي پنهنجي مادر وطن تي مڪمل اختيار تسليم ڪري مالي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪري انصاف جا تقاضا پورا ڪري سگهجن ٿا، هر قومي اڪائي جي مالڪ قوم کي پنهنجي وطن جي جاگرافيائي حدن جو تحفظ ڪرڻ جو بنيادي حق آهي، سنڌ ۾ وفاقي حڪومت طرفان سياسي تجربن کي رد ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت جي بي جا مداخلت کي رد ڪيون ٿا ۽ ڪراچي شهري صوبي جي گهر سنڌي جي دائمي آفاقي حق تي حملو تصور ڪيون ٿا. ڪانفرنس وفاقي حڪومت واري سوچ کي جمهوري قدرن ۽ روايتن خلاف تصور ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ٿيل سياسي ڳٺ جوڙ تي ٺهيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي بنا دير ختم ڪيو وڃي، آئين مطابق سنڌ جي وڏي وزير کي بااختيار چيف ايگزيڪيوٽو تسليم ڪري سمورا ترقياتي ۽ انتظامي ڪم سنڌ حڪومت جي دائري ڪار ۾ آندا وڃن، سمورين سياسي جماعتن سنڌ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاست پاڪستان جي ورهاست ثابت ٿيندي، ان ڪري اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي جنهن سان سنڌ جي سياست انارڪي طرف ڌڪجي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ خانه جنگي جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستان وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿو. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مير حاصل بزنجو ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي امڙ جي لاڏاڻي تي دعا گهري وئي