ڪراچي ڪميٽي جي آڙ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڀائرن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد :- قومي عوامي تحريڪ طرفان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش خلاف ۽ فروغ نسيم جي برطرفي لاء اڄ 15 سيپٽمبر آچر ڏينھن تي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا، ريليون ۽ بک ھڙتالون ڪيون وينديون۔ احتجاجن ۾ سنڌ جا ساڃاھ وند اديب. شاعر. سول سوسائيٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن به امن جي فضا قائم ٿيندي آھي ته عالمي قوتون ۽ انهن جي اشاري تي هلندڙ مقامي ايجنٽن ھٿان امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون۔ وري هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي ڪميٽي جي آڙ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڀائرن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي ڪميٽي کي قبول نه ڪندو۔ سنڌ جي ماڻهن سنڌ دشمن سازشن کي هميشه ناڪام بڻايو آهي۔ پيپلز پارٽي طرفان مڙهيل ٻٽو مڪاني نظام جيستائين رد نه ٿيو هو ته تيستائين سنڌ جو عوام مسلسل جدوجهد ۾ هو۔ هن وقت به سنڌ جو عوام تعصب ۽ لسانيت تي ٻڌل ڪراچي ڪميٽي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري رد ڪندو۔