ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل ڄام صاحب جو نوجوان 3 مهينن کان گم

ڄام صاحب:- ڳوٺ سونو خان رند جي پورھيت مشتاق احمد شر جو نوجوان پٽ برڪت علي شر ڪراچي مزدوري لاءِ وي آهي، جيڪو ٽن مھينن کان گم آهي. ان موقعي تي پورھيت مشتاق احمد شر دانھيندي چيو ته منھنجو نوجوان پٽ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل ھو، جيڪو اڃان تائين واپس ناھي آيو ۽ ساڻس گڏ مزدوري ڪندڙن اسان کي چيو آھي ته برڪت علي ڪراچي مان ڳوٺ واپس آيو آھي پر ھو اڃان تائين گھر ناھي پھتو. ان جي گھرنه پھچڻ تي سمورا گھرڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته  منھنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.