ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي اَي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان

حيدرآباد:- سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي اَي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جن ماڻهن کي ڪراچي ۾ ٻوسٽ ٿي رهي آهي، وزيراعظم انهن کي اسلام آباد ۾ الڳ سيڪٽر ٺهرائي ڏئي. وزيراعظم ڪراچي تي وفاقي رُول لاڳو ڪيو ته سنڌ واسي سخت مزاحمت ڪندا. قادر مگسي چيو ته آئين سان هٿ چراند ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو