ڪراچي کي سنڌ کان ڦُرڻ واري ايجنڊا جا ڪجھ وڌيڪ پاسا: ليکڪ نواز خان زئور

جيتوڻيڪ مون ان کي ڪڏهن به شخصي مامرو نه سمجھيو آهي، تنهن هوندي به پنهنجن ئي ڪن ماڻهن جو پهريان اهو خيال هيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ڳالهه صرف ڪجھ مخصوص ذهنيت وارن فردن جو داخلي هيجان آهي، ۽ ان جي پٺيان ڪنهن قسم جي ڪا منظم سازش يا ايجنڊا ناهي. پر هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ اندر ججن اهڙا ريمارڪس ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته ”ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت نظر نٿي اچي، ڇونه هن شهر کي وفاق جي حوالي ڪجي؟“ جواب ۾ اٽارني جنرل چئي ٿو: ”اهو آپشن غور هيٺ آهي ۽ ان لاءِ آئيني پاسن تي غور ڪري رهيا آهيون.“ تڏهن يقينن سڀني کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو هوندو ته هيءَ مامرو ايڏو سادو نه آهي، پڪ سان هيءَ هڪ تمام وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن جي پٺيان ڪا ڀيانڪ سازش پلجي رهي آهي.
اصل ۾ دنيا جي ڪن گھڻ قومي ملڪن کي سدائين سندن رياستي وجود بچائڻ يا مستقبل جو الڪو ۽ کُٽڪو لڳو رهندو آهي. تنهنڪري اهڙن ملڪن جون وفاقي اختياريون وقت بوقت اهڙا حربا پيون استعمال ڪنديون آهن، جن سان بالادست قوتن يا ڌرين کي فائدو رسي ۽ ٻيون ڌريون ڪمزور ٿين. مثالطور سابق سوويت يونين پڻ اهڙي ڊپ ڊاءَ جي ور چڙهيل هوندو هو؛ سو ان جون وفاقي قوتون پيون ابتا سبتا فيصلا ڪنديون هيون. جن مان هڪڙي ڪوشش نئين سوويت قوم پيدا ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ هئي. جنهن تحت هڪڙين قومن جي ماڻهن کي پنهنجن اباڻن پڊن تان لڏائي ٻين هنڌن تي آباد ڪيو ويو. جنهن جو هڪ مثال يوڪرين جو ڪريميا وارو خطو آهي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي روسين جي آبادڪاري ڪئي وئي. جنهن سان خطي اندر آبادياتي توازن (Demography) ۾ وڏو بگاڙ اچي ويو. ٻيو مثال آذربائيجان جو علائقو نگورنو ڪاراباخ آهي. جنهن ۾ سرڪاري سرپرستي هيٺ غيرمعمولي تعداد ۾ آرمينيائي ماڻهن کي آباد ڪيو ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1988ع کان 1991ع تائين هيءَ علائقو جھيڙن جي ور چڙهي ويو. ستت ئي سوويت يونين ٽٽي ويو، پر ڪوهه قاف جبلن ۾ گھيريل انهن ملڪن آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ اهو جھيڙو اڄ سوڌو اڻنبريل آهي. جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان ڏهه لک کن ماڻهو بي گھر ۽ دربدر ٿيا آهن ۽ ٽيهارو هزارن کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجن جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. اهڙي نموني قبرص جو تڪرارآهي. برطانيائي سامراجيت پنهنجن ڪالونيل مفادن کي محفوظ رکڻ لاءِ يوناني زاد قبرصين ۽ ترڪ زاد قبرصين کي نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورهائي ويڙهائي ڇڏيو. تان جو اهو مسئلو ڳنڀير ٿي ويو ۽ قبرص اڄ به يونان ۽ ترڪي جي وچ ۾سنبوسو بڻيل آهي. دنيا ۾ اهڙا ڪافي تڪرار آهن، جيڪي بالادست بيٺڪيتي قوتن هٿ سان رڳو ان ڪري اڀاريا ته جيئن ڌرتيءَ ڌڻين يا مختلف ڌرين کي پاڻ ۾ ويڙهائي اهي پنهنجن ناجائز مفادن کي محفوظ رکي سگھن.
ڪراچي ۾ وفاقي سرپرستي ۽ سهڪار سان ڀانت ڀانت جي ڌارين کي آڻي آباد ڪرڻ، انهن معرفت شهر جو امن امان بگاڙڻ، آبادي جو دٻاءَ پيدا ڪري معيشت تي غيرضروري بار وجھڻ، شهر جي بيهڪ ۾ بي ترتيب ۽ اٿاهه واڌ ڪري انتظامي بحران پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ وري شهر کي وفاق جي اختيارن ۾ ڏيڻ جا مطالبا ڪرڻ پڻ برطانيائي بيٺڪي پاليسي جو بيهودو، اجوڳو ۽ سنڌ دشمن تسلسل آهن. جيڪو عمل سنڌي قوم جي سراسر نقصان ۾ آهي.

ڇا وفاق ۾ ڪراچي سنڀالڻ جي صلاحيت آهي؟
جيڪي ڌريون سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي کي جواز بڻائيندي ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿيون، تن کان پهريون سوال ئي اهو پڇڻ گھرجي ته ڇا وفاق ۾ واقعي به اهڙي صلاحيت آهي جيڪا ڪراچي کي ريان کيان، شاد باد ۽ پرنور ڪري ڇڏيندي يا ان وٽ جادوءَ جي ڪا اهڙي ڇڙيءَ آهي، جنهن جي گھمندي ئي ڪراچي جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا وفاق وٽ اهڙو ڪو مثال اڳ ۾ موجود آهي؟ صفا چِٽو پِٽو جواب آهي بلڪل نه.
وفاق جي اختيار هيٺ هلندڙ علائقن تي نظر وجھڻ سان خبر پئي ٿي ته اهي علائقا مملڪت جي ٻين علائقن يا اِڪائين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بدتر، خراب، ڏکين ۽ اڻهوند وارين حالتن ۾ رهيا آهن، جتي زندگيءَ هميشا ڏکيائين جي ور چڙهيل رهي ۽ ماڻهو بنيادي سهولتن کان پڻ وانجھيل رهيا. ٻيو ته ٺهيو اتي امن امان جون حالتون پڻ بنهه خراب رهيون. ان جو هڪ وڏو مثال قبائلي علائقا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي قبائلي علائقا وفاق جي انتظام هيٺ رهيا. پر جيتري امن امان جي صورتحال اتي خراب رهي، جيتري انتهاپسندي اتي پروان چڙهي، سڄي دنيا جي ڀانت ڀانت جي انتهاپسند ويڙهاڪن اتي پنهنجا جيڪي محفوظ ٿاڪ ٺاهيا؛ معصوم ٻارن، عورتن، سادن سودن ماڻهن ۽ روشن خيال حلقن کي اتان جيترو ستايو ويو، اهو سڀ ٻئي ڪنهن هنڌ نه ٿيو آهي. وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا سڀ کان وڌيڪ بدترين ۽ ڀيانڪ حالتن جي ور چڙهيل رهيا. وفاق فاٽا يا قبائلي علائقن کي سنڀالڻ ۾ مڪمل ناڪام ثابت ٿيو. نيٺ فاٽا مان وفاق هٿ ڪڍي ان کي خيبر پختونخوا جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهڙو ئي مثال ”اترين علائقن“ جو آهي. وفاق جي هٿ هيٺ هلندڙ اترين علائقن گلگت بلتستان جي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جا سياسي ۽ انساني حق حاصل ناهن. پنهنجي فطري سونهن، قدرتي حسن ۽ شاهڪار نظارن جي باوجود اتريان علائقا مثالي انتظامي درجو نٿا رکن. خود وفاقي گادي جو هنڌ اسلام آباد به ڪيترائي ڀيرا دهشتگردي جي واقعن جو شڪار ٿيو آهي. ان کانسواءِ اوجھڙي ڪئمپ ۽ لال مسجد وارا سانحا ڪنهن کان وسريا هوندا. مٿين مثالن مان اهو نهايت چٽائي سان پڌرو ٿئي ٿو ته هيءَ وفاق ڪنهن به ريت اعلا انتظامي صلاحيتون نه ٿو رکي.
جيڪڏهن عمران خان جي حڪومتي ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ته اتي به ڪاريءَ وارا ڪک نظر ٿا اچن. معيشيت کان وٺي سياسي انتظامڪاري تائين، صحت جي عام شعبي کان ڪرونا جي وبا تائين، سفارتڪاري کان پرڏيهي پاليسي تائين ۽ گھرو معاملن کان ترقياتي رٿابندي تائين ڀلا ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ عمراني سرڪار جي ڪارڪردگي کي بهتر چئي سگھجي ٿو؟ ماڻهو جمهوري حقن کان محروم آهن، اظهار جي آزادي ناپيد آهي، انساني حقن جي پائمالي چوٽان چوٽ آهي، بدحالي ۽ غربت جيئن پوءِ تيئن وڌي رهي آهي، مهانگائي جو طوفان آهي؛ ڊالر، تيل ۽ سون جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن، ڪاروبار ٺپ ٿيندو ٿو وڃي، هر ماڻهو ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ ورتل آهي، خوشين جو نانءُ نشان ئي نٿو ملي، ماڻهن جون حياتيون اداسي، اڻهوند ۽ اڻڀائيءَ جي ور چڙهي ويون آهن ۽ هن مملڪت جي حدن ۾ ”ڀرپور، حسناڪ، اتساهه ڀريءَ، محبتيل ۽ بيخوف زندگيءَ“ ممنوع بڻجي وئي آهي.

برساتي ٻوڏن جا ڪجھ مثال
رهيو برساتن يا آفتن دوران ڪراچي ۾ مسئلا ۽ ڏکيائيون پيدا ٿيڻ جو سوال، ته اهڙين حالتن ۾ دنيا جي سڌريل ملڪن جا وڏا شهر به ڏکيائين جي ور چڙهيو وڃن.
جدو سعودي عربيا جو نهايت قديم شهر آهي. هيءَ شهر به ڪراچي جيان اسريو ۽ وڌيو ويجھيو آهي. ڏاڍو سهڻو شهر آهي. ان جا قديم علائقا ۽ انهن جون تاريخي عمارتون قومي ورثو قرار ڏيئي محفوظ ڪيون ويون آهن. جدي جي قدامت ۽ ثقافتي تهذيبي حُسن کي برقرار رکندي ان جي جديد اڏاوت ڪئي وئي آهي. آئون ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي واقع اهو شهر پاڻ پنهنجين اکين سان ڏسي آيو آهيان. ان جا سامونڊي ڪنارا، ان جون عمارتون، ان جون شاهراهون، روڊ رستا، ڳليون، رهائشي ماڳ مڪان، مارڪيٽون، خريداري مول ۽ بندر بازاريون نئين تعمير ۽ جديد رٿابندي جو شاهڪار آهن. تنهن هوندي به 2009ع، 2011ع، 2015ع ۽ 2017ع ۾ جدو ميِنهن ۾ ٻڏي ويو هو.
مڪي مڪرما ۾ 1941ع ۾ ٻوڙان ٻوڙ برساتون پيون هيون ۽ خود مسجد الحرام ۽ ڪعبت الله شريف ۾ ميِنهن جو پاڻي داخل ٿي ويو هيو. مڪي پاڪ ۾ اهڙي ريت 2018ع ۽ 2019ع ۾ پڻ سانوڻيءَ جو وڏڦڙو وسي شهر ۾ ٻنان ٻوڙ ڪري چڪو آهي.
برساتن جي ڪري اهڙيون ٻنان ٻوڙون هوسٽن، فلوريڊا، فلاڊلفيا ۽ آمريڪا جي ٻين اجگر شهرن ۾ پڻ ٿين ٿيون. نيويارڪ، نيوجرسيءَ ۽ بروڪلن جهڙا شهر به 2019ع ۾ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا هئا ۽ مذڪورا شهرن جي رستن ننڍين ندين جو ڏيک ٿي ڏنو. ان سان گڏ سامونڊي طوفان پڻ آمريڪي شهرن کي سٽيندا رهن ٿا. وڏين بارشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن چين ۽ جپان جا شهر به ڇر ئي ڇر ٿي ٿا وڃن. ممبئي جهڙي وڏي شهر به هيلوڪن ميِنهنِ ۾ منڇر جو ڏيک ٿي ڏنو. اهڙي نموني وقت بوقت دنيا ۾ برساتي ٻوڏون اينديون رهن ٿيون. پر ڪٿي به اهڙو مطالبو نٿو ٿئي ته ڦِلاڻي يا ڦِلاڻي شهر کي پنهنجي اصلوڪي خطي مان ڪٽي وفاقي حڪومت جي هٿ هيٺ ڏنو وڃي.

لاهور، ميِنهن ۽ سنڌ ۾ وفاقي ادارا
اهڙو مطالبو لاهور لاءِ به نٿو ٿئي، جيڪو به هيل ڪراچي وانگر مينهن جي پاڻي ۾ ٻڏو پيو آهي. لاهور جو ڪهڙو علائقو آهي، جنهن ۾ گپ چِڪ ۽ پاڻي ڀريل نه هجي؟ تازين برساتن لاهور سان به ڪراچي جهڙو ئي راڱو ڪيو آهي. اتي به ساڳي بدانتظامي آهي. ماڻهو، موٽرون، ڪارون، روڊ رستا، مارڪيٽون، گھر، سڀ پاڻي هيٺ آهن. پر ڪير به لاهور کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو نٿو ڪري. نه ئي اهڙو مطالبو پشاور لاءِ ٿو ٿئي، جيڪو مسلسل دهشتگردن جي سئولي نشاني تي رهيو آهي. اهڙي گھُر رڳي ڪراچي لاءِ ٿي ٿئي! سوبه صرف سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي!
ڏسجي ته برساتي پاڻي ۽ نيڪال جا معاملا اوليتي طور تي بلدياتي ادارن جي ذميداري آهن. پر ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي ته ڪابه آڱر اُڀي نٿي ٿئي! ٻيو هتي رڳي برساتون ئي ٻوڙ ٻوڙان نٿيون ڪن، سنڌ جي ڪراچي توڙي ٻيا شهر اونداهيءَ ۾ به ٻُڏا پيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو، مطلب ته واپڊا سنڌ کي اونداهيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. واپڊا سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ناڪام ۽ بدانتظام ادارو آهي. ان جي ڪارڪردگي تي سڀ ماٺ آهن! ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي کان وٺي منڇر ڍنڍ ۾ پنجاب جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تائين وفاق جون سنڌ ۾ سڀ رٿائون ناڪام ثابت ٿيون آهن. ان جو ته ڪير حساب ڪتاب نٿو ڪري! باقي زور رڳي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ تي آهي. ڇاڪاڻ ته مستقل مفاد وفاقي اختياريون ۽ اصل مقتدر طاقتور ڌريون سندن ناجائز سياسي فائدن، معاشي ڦرلٽ، پنجابي بالادستي، وفاق جي مفادن ۽ سنڌ جي دائمي استحصال کي سلامت رکڻ لاءِ اهڙي قدم کي ضروري سمجھن ٿيون.

ڀلا اردو ڳالهائيندڙن کي لاڀ ملندو؟
ان سلسلي ۾ بصير نويد لکي ٿو:
“ٿي سگھي ٿو ته ڪي نام نہاد مهاجر خوش ٿين ته اهي ڪراچي کي هڪ صوبو کڻي نه بڻائي سگهيا، پر سنڌ کي ٽوڙڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويا ۽ هاڻي وفاق جو حصو بڻجندا. پر تڏهن سندن ڇا ٿيندو، جڏهن کين وفاق طرفان سنڌ جي صوبائي ڪوٽا طور مقرر ٿيل 19 سيڪڙي جو وڏو حصو حاصل نه ٿيندو. هو سنڌ ۾ موجود چاليهه ۽ 60 سيڪڙو واري دستوري ڪوٽا کي به وڃائي ويهندا. جڏهن ڪراچي وفاق سان ضم ٿيندي، تڏهن پوري ڪراچي جي ڪوٽا 2 سيڪڙو هوندي. جيڪا تڏهن به صرف 2 سيڪڙو هئي جڏهن ڪراچي وفاقي راڄڌاني هئي. سو جيڪڏهن سنڌ ورهائجي ويندي، ته به “اڌ تون ، اڌ اسان” واري ڳالهه ڪانه رهندي. ان بدران هاڻ سڄو ڪجھه وفاق ڏانهن ويندو. مان اردو ڳالهائيندڙن کي چوان ٿو ته هو خوفناڪ مستقبل جي تناظر ۾ سنڌ سان ڳنڍيل رهن. سنڌين توهان کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ آئندي به اهي ئي توهان جي مفادن جو خيال رکندا.”

ڇا اها رٿا قابل عمل آهي؟
نه، ڪنهن به طور نه، قطعي نه. دنيا اهڙن ناڪام تجربن سان ڀري پئي آهي. ويٽنام، جرمني، يمن وغيرهه. خود سنڌ پڻ اڳ به ڪراچي ڦرائي ويٺي هئي. غيور قومون پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت ڪنديون آهن. سنڌ هڪ تاريخي وطن ۽ جاگرافيائي وحدت آهي. جنهن جي سرحدن سان هٿ چراندسنڌي قوم لاءِ مرڻ ۽ مارائڻ جهڙو سوال آهي. سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ کان پنهنجي راڄڌاني ڪراچي کسي نٿي سگھجي. ايئن ته سنڌ حڪومت کان عمران خان جي وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي وڌيڪ خراب ۽ بدترين آهي. ڇا ان بنياد تي اسلام آباد گڏيل قومن جي انتظام هيٺ وڃڻ گھرجي؟ ڀلا پاڪستان جي ڪهڙي دؤر ۾ ڪهڙي حڪومت شاندار رهي آهي؟ حقيقت ۾ پاڪستان پهرئين ڏينهن کان ئي خراب حڪمراني جو هڪڙو نهايت اعلا مثال آهي. قبائلي علائقو يا فاٽا به ته ورهين جا ورهيه وفاق جي هٿ هيٺ رهيو، اتي ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهيون، جو اهي هاڻي ڪراچي جي وفاقي هٿ هيٺ وڃڻ سان وهڻ شروع ٿي وينديون؟ حقيقت ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي معنا ان کي وڌيڪ تباهي ڏانهن ڌڪڻ آهي. تنهنڪري پ پ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جي جواز ۾ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ هڪ اهڙو ڪبيرو گناهه آهي، جيڪو سنڌي قوم تاقيامت بخش نٿي ڪري سگھي. سنڌي قوم ڪڏهن به ڪراچي تان هڪ لحظي لاءِ به لادعوا نٿي ٿي سگھي، ان تان هٿ نٿي کڻي سگھي. ڪراچي کي محمد علي جناح به سنڌ کان کسي وفاق ۾ شامل ڪيو هو، پر سنڌي قوم جناح جهڙي ديوَ قامت اڳواڻ، جيڪو نئين مملڪت جي باني هجڻ جو دعويدار پڻ هو، جي فيصلي کي به نه کنگھيو، ۽ ان خلاف جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار ڪراچي وفاق کان واپس موٽائي ورتي.
خود اهو به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ناهي ته سنڌ جي راڄڌاني تي ڌارين جون نگاهون هجن. سورهينءَ، سترهينءَ ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات تائين سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي آماجگاهه بڻيو رهيو. ان ۾ دنيا جهان جا ماڻهو هئا، البت سنڌي ٺٽي ۾ ڳوليي به نه ٿي لڌا. پر انت سنڌين سموري سنڌ سميت ٺٽو واپس ورائي ورتو. اڄ ٺٽي ۾ ارغون، ترخان ۽ مغل بتيءَ کڻي ڳولڻ سان به نه ملندا. اهڙي ئي نموني جڏهن سنڌين ڪراچي بابت جناح جو فيصلو قبولڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو، تڏهن اهي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ يا عمراني سرڪار يا ٻئي ڪنهن جي فيصلي کي ڪيئن قبول ڪندا؟ سو واضع رهي ته انتظامي ڪوتاهين جي ڪري فطري ديس نه ورهائبا آهن. ياد رکڻ کپي ته ڪراچي سنڌ آهي، ۽ ڪراچي تڏهن ئي ترقي ڪري سگهندي، جڏهن ان تي سنڌي قوم جي دائمي مالڪي واري حق کي تسليم ڪيو ويندو ۽ سنڌ جا پيداواري وسيلا سنڌين جي حوالي ڪيا ويندا.
* * *
(روزاني ”ڪاوش“، 18 آگسٽ 2020ع)
nkzaor@yahoo.com