ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ پراڻي خواهش رهي آهي ته جيئن شهر جو پيسو وفاق کي ملي: رضا رباني

ڪراچي :- پيپلزپارٽي جِي سي اِي سِي اجلاس بعد رضا رباني جِي پريس ڪانفرنس، رضا رباني چيو ته آصف زرداري پارٽي ڪارڪنن کي پيشي دوران نيب ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. رضا رباني چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ پراڻي خواهش رهي آهي ته جيئن شهر جو پيسو وفاق کي ملي، ڪراچي سنڌ جِي راڄڌاني آهي، شهر جا مسئلا به سنڌ حڪومت حل ڪندي. هن چيو ته کنڊ ۽ اٽي بحران جهڙن مسئلن تي احتجاج جِي حڪمت عملي جوڙڻ جِي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جِي صدارت ۾ پارٽي جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو . ڪراچي بابت اٽارني جنرل جَي بيان ۽ نيب بابت سپريم ڪورٽ جَي فيصلي ۽ آصف زرداري جِي نيب ۾ پيشي سميت مختلف اهم اشوز تي بحث ڪيو ويو. لطيف کوسا چيو آهي ته نيب کي رڳو سياستدانن جِي ڳِچِي پڪڙڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، آصف زرداري جِي نيب ڪورٽ ۾ پيشي دوران پيپلز لائيرز فورم کي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي