ڪراچي کان ڳڙهي ياسين پهتل پوليس اهلڪار جو روزيدار نوجوان تي وحشياڻو تشدد

ڪراچي کان ڳڙهي ياسين پهتل آآر آر ايف پوليس اهلڪار روزيدار نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، تشدد واري وڊيول سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڳڙهي ياسين باءِ پاس روڊ تي شهرجي مين گيٽ وٽ ڪراچي کان ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي آيل آر آر ايف اهلڪار دهشت جي علامت بڻجي ويو. اهلڪار روزيدار ڳوٺاڻي اياز مارفاڻي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. متاثر نوجوان جو چوڻ آهي ته شهر مان گهر جو سيڌو وٺي وڃي رهيو هئس ته اهلڪار روڪي چيو ته هتان کان نه وڃ. نوجوان جو چوڻ آهي ته منهنجي موجودگي ۾ اهلڪار ٽن موٽر سائيڪل سوارن کي ڇڏي ڏنو. مان چيومانس ته مان به روزي سان آهيان مون کي به هتان ڇڏيو ته مان گهر وڃا، جنهن تي اهلڪار مون کي تشدد جو نشانو بڻايو. نوجوان مٿان ٿيندڙ تشدد دوران شهرين وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهلڪار پاران تشدد دوران نوجوان طرفان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي وئي آهي. نوجوان تي تشدد ڪرڻ کان پوءِ اهلڪار پنهنجي دهشت ڦهلائڻ لاءِ ڳوٺاڻي جي موٽر سائيڪل به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. متاثر نوجوان اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته تشدد ڪندڙ اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي