ڪراچي ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردياڻين جي گهلي تذليل، هاسٽل مان نيڪالي

گلشن اقبال :- سنڌي شاگردن سان سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي  ۾ مختلف ادارن پاران  ظلم جي انتها جاري، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڊائو يونيورسٽي ۾بي ايس سي نرسنگ جي آخري سال ۾ پڙهندڙ ٻن شاگردياڻين سورج ۽ نازيا کي انتظاميه فيس دير سان جمع ڪرائڻ ۽ لاڪ ڊائون جو سبب ڄاڻائي هاسٽل وارڊن ۽ عورت سڪيورٽي گارڊن ذريعي ڌڪا ڏياري هاسٽل اندر  مليل ڪمري مان ٻاهر ڪڍي شاگردياڻين کي مليل ڪمري کي  تالو هڻي ڇڏيو، يونيورسٽي انتظاميا جي ظلم خلاف ميڊيا کي روئي دانهن ڏيندي شاگردياڻين ٻڌايو ته  هنن انتظاميا کي هاسٽل مان ٻاهر نه ڪڍڻ لاءِ  وڏيون منٿون پڻ ڪيو پر  هاسٽل تي موجود عورت گارڊن کي اسان مٿان  ڪو به رحم نه آيو ۽  هاسٽل مان بنا جواز جي  بي دخل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته  انتظامي نااهلي جي ڪري شاگردياڻين سڄي رات ڊائو اسپتال جي مسجد ۾ ويهي گذاري ۽ صبح کان وٺي شام  تائين هاسٽل ٻاهران بک ۽ اڃ تي  احتجاج پڻ ڪيو، انتظاميه جي ڏاڍ ۽ ظلم  خلاف ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردياڻي  سورج ۽ شازيه چيو ته اسان گذريل پنجن سالن کان اداري جون سموري  فيس ادا ڪئي آهي ، جڏهن ته اسان کي فيس جون به جعلي رسيديون ڏنيون ويون آهن، هن وقت اسان جي مٿان ڪجهه مهينن جي فيس رهيل آهي جيڪا لاڪ ڊائون جي ڪري ناهي ڏني. هنن چيو ته اسان رهيل فيس جلد کان جلد جمع ڪرائي ڇڏينداسين.اسان عيد جي ڪري  ڳوٺ ويل هئاسين واپس اچڻ تي الاٽ ٿيل ڪمري مان تذليل ڪري نيڪالي ڏني وئي، انتظاميه اسان کي اهو جواز ڄاڻائي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ته توهان ڏانهن فيس رهيل آهي ۽ لاڪ ڊائون ۾ ڇو آيا آهيو. جڏهن ته انتظاميا پاران اسان کي شعبي جي بند رهڻ جو ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو هو، اسان انتظاميا کي چيو ته لاڙڪاڻي کان آيا آهيون سڀاڻ واپس هليا وينداسين پر اسان جي ڪنهن به نه ٻڌي ۽ تشدد ڪري ڌڪا ڏئي وارن مان گهلي رات جي ٽائيم تي اسان کي ٻاهر ڪڍيو ويو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هنن ٻڌايو ته چيف وارڊن ڊاڪٽر طلعت رومي سنڌي شاگردياڻين سان نفرت ڪري ٿي اعلي اختياريون معاملي جو نوٽس وٺن ۽ انصاف ڪن،  هوڏانهن  رياض کيمٽيو،شبير راڄپر ۽ سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ مهر ڊرٻائي هاسٽل جي گيٽ اڳيان واقعي خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۽ اسپتال جي نرسنگ انچارج ۽ سڪيورٽي انچارج علي ۽ حڪيم شاھاڻي پنجابي لابي سان لاڳاپيل هئڻ سبب سنڌي نياڻين ۽ ٻين خلاف تعصب جي بنياد تي انتقامي ڪاروايون ڪندا رهن ٿا ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين