ڪراچي پوليس سربراهه امير شيخ کي هٽايو ويو ،غلام نبي ميمڻ آءِ اي جي مقرر

ڪراچي :- سنڌ سرڪار ڪراچي پوليس جي سربراهه امير شيخ کي هٽائي غلام نبي ميمڻ کي آءِ اي جي ڪراچي مقرر ڪري ڇڏيو. سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي پوليس جي سربراهه امير شيخ کي هٽائي سندس جاءِ تي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام نبي ميمڻ کي اي آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ عمران يعقوب منهاس (جيڪو به پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل هو) کي ولي الله دل جي جاءِ تي اي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي منظوري سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فرحان علي جوڻيجو کي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قمر الزمان کي ڊي آءِ جي ٽرئفڪ، لائيسنس اينڊ ٽريننگ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نئون پوليس آرڊر پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار طرفان پهريون ڀيرو پوليس ۾وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.