ڪراچي پوليس دعا منگي ۽ بسمه جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي دعويٰ

ڪراچي: ڪراچي پوليس دعا منگي ۽ بسمه جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪراچي پوليس جي چيف غلام نبي ميمڻ پريس ڪانفرنس جي دوران ٻڌايو ته بسمه ۽ دعا منگي اغوا ڪيس جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن گهر ۾ مغوي ڇوڪرين کي رکيو ويو هو، ان جو پتو لڳايو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته جوابدارن هڪ سال پهرين ڪلفٽن ۾ فليٽ ڪرائي تي ورتو هو، بسمه ۽ دعا ٻنهي کي ڪلفٽن بلاڪ 2 جي فليٽ ۾ رکيو ويو هو.

هن ٻڌايو ته واردات ۾ 5 جوابدار شامل آهن، 2 کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪراچي پوليس جي چيف وڌيڪ ٻڌايو ته مفرو جوابدارن جي سرن جي قيمت 50 لک رپيا رکي ويندي، گرفتار جوابدارن ۾ مظفر ۽ زوهيب شامل آهن.

غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته ٻئي جوابدار پهرين به ڏوهي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار گاڏيون کسڻ واريون وارداتون به ڪندا رهيا آهن، ان وارداتن ۾ هڪ پوليس آفيس به ساڻن ملوث هو، جنهن کي برطرف ڪيو ويو آهي.

غلام نبي ميمڻ چيو ته بازياب ٿيل ڇوڪرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.