ڪراچي پريس ڪلب ۾ اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز جي ميڊيا ٽيم جي صحافين سان ملاقات

ڪراچي:- شهرين جي صحت لاءِ حڪومتي ۽ نجي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ خاص طورسنڌ جي ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾آيل تبديلين جو جائزو وٺڻ سان وڌيڪ بهتري جون تجويزون سامهون اچي سگهن ٿيون. اها ڳالهه پريس ڪلب ڪراچي جي صدر امتياز فاران اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز جي ميڊيا ٽيم سان گفتگو ڪندي چئي. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو صحت شعبي ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم آهي پر ماڻهن تائين انهي جي صحيح ڄاڻ، رڪاوٽن ۽ غلط فهمين جي باري ۾ ميڊيا فورم کي باخبر رکڻ وارو پاسو ڪمزور رهيو آهي. ميڊيا ٽيم کيس ٻڌايو ته  آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ رورل هيلٿ سينٽرن ۽ تعلقي اسپتالن ۾ چوويهه ڪلاڪ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي موجودگي ، گهربل ليبارٽري تشخيص، ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ، دوائن، ويڪسينيشن ۽ ايمرجنسي علاج سان گڏ سرگرم ايمبولنس نيٽ ورڪ جي مفت فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي سينئرصحافي خورشيد عباسي عطائي ڊاڪٽرن پاران غريب عوام کي بيوقوف بڻائي کين لٽڻ ڦرڻ جا ڪيترا واقعا ٻڌائيندي چيوته اميد ڪري سگهجي ٿي ته هاڻوڪا صحت سڌارا ان عطائي هيلٿ ڪلچر کان عوام کي ڇٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ٿيندو. ڊاڪٽراشوٿاما ۽ آءِ ايڇ ايس ميڊيا ٽيم  ان کان سواءِ جيجل اخبار جي ايڊيٽر منظور سولنگي سميت مختلف ميڊيا ادارن جي سينئر صحافين وحيد راڄپر، راحب ڳاهو،فقير سليم، نجيب نائچ، عمران علي، سنڌ ٽي وي جي اينڪر پرسن ڊاڪٽر واحد پنهور، نثار بجير ۽ ٻين سان سنڌ جي صحت صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جيئن شهرين جي صحت واري بنيادي حق جي حصول لاءِ ميڊيا ۽ صحت جا  ادارا گڏيل طور بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن.