ڪراچي پريس ڪلب آڏو کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران 50 ڪلاڪن جي بک هڙتال جاري

ڪراچي (رپورث: رزاق عاصي ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن جي آزادي لاء سنڌ سڀا جي احتجاج کي 50 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي اڄ پريس ڪلب آڏو 50 ڪلاڪن جي بک هڙتال جاري آهي. جنهن ٻيهر کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم. ڀيڻ شازيا چانڊيو. فزا چانڊيو. وني ام فروا. انصاف دايو جي ڀينرن. اقصي دايو. فسانا دايو. پٺاڻ خان زهراڻي جي وني بشيران زهراڻي. محفوظ. نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول نوتڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي چيو ته
سنڌ تي جھڙا اڄڪلھه راتاھا لڳي رھيا آھن اھڙا راتاھا ته ارغون ، ترخان دورن ۽ مدد خاني لشڪرن جي ھلائن وقت لڳندا ھئا، جڏھن ڳوٺن جي ڳوٺن کي باھيون ڏئي سنڌين کي لٽي ڦري ساڙي ماريو ويندو ھو، معصوم ٻارن جون سسيون ڪپي نيزن تي ٽنگي ۽ عورتن جي تذليل ڪري وحشي ناچ نچندا ھئا. اڄ جڏھن اسان سنڌين پنھنجي رضا خوشيءَ سان ٺاھيل فيڊريشن ۾ طئي ٿيل آئين ۽ قانون ھيٺ رھون ٿا، تڏھن به سنڌ تي راتاھا، ھلائون ۽ کنڀڻ جون وارداتون شوق شڪار جيان ٿي رھيون آھن. ايئن ڄڻ اسان آزاد خودمختيار سنڌ نه پر مقبوضا سنڌ ۾ رھندا ھجون، هن رتوڇاڻ تي نه اسان جن ووٽن سان جڙيل سنڌ اسيمبلي ڪجھه ڪڇي ٿي ۽ نه وري ڪورٽون ئي ان مامري تي ڪا اڳڀرائي ڪن ٿيون، پر ان کان وڌ خراب ڳالھه اھا آھي، ته ،سنڌ جون سموريون سنڌ پرست پارٽيون به ان وارتا تي چپ آھن، ڪير به ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي. ۽ انڪري ئي لڳاتار سنڌين جي گھرن تي راتا لڳن ٿا ۽ سنڌي نياڻين، امڙين، ڌيئرن، ڀينرن ۽ ونين جي تذليل ۽ تشدد ڪندي سندن ٻچڙا کنڀيا وڃن ٿا ۽ روڊ رستن ۽ مختلف پريس ڪلبن تي کنڀيلن جون وارث عورتون رڙي ڪوڪي رھيون آھن، پر ڪير به انھن ڏانھن ڌيان ڌرڻ وارو ناھي ڄڻ ته ھي کنڀجڻ سراسر قانوني ۽ انصاف تي ٻڌل عمل ھجي. جنھن ۾ پھريان گھڻو تڻو سادن ويس وڳن وارا ھٿيار بند ڪاري رنگ جي ويگو ڪارن شيشن وارين گاڏين ۾ ھوندا ھئا پر ھاڻي انھن سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ سنڌ پوليس پڻ گڏ ھوندي آھي، جيئن ته سنڌ رينجرز ۽ سنڌ پوليس سنڌ جي وڏي وزير جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندڙ ۽ سنڌ جي بجيٽ تي ھلندڙ فورسز آھن. جن کان ته سنڌ جو وڏو وزير پڇي سگھي ٿو پر پ.پ.پ جي تاريخي چاپلوسيءَ واري پاليسي ، گھر جا ٽپڙ کپائڻ واري ڪار ۽ لاشن تي سياست ڪرڻ واري ڪرت ھاڻي سنڌي نوجوا نن جي کنڀجڻ ۽ ٽنگ پروڻ لاشن تي اچي پھتي آھي ۽ سڀان جي سوچ ڪريو ھي سنڌ سان ٻيو ڇا ڇا ڪري سگھن ٿا. اھڙي سياسي ويڳاڻپ ۽ ڪنلاٽار تي سنڌ سڀا پنھنجي وت وس آھر کنڀي گم ڪيل سنڌين لاءِ احتجاجن جو لڳاتار سلسلو جاري ڪري، ٻاٽ اوندھ ۾ ڏيئو ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي .
سومر 20 جولاءِ 2020 سنڌ سڀا جي ڏھاڙي شام جو ساڍي پنجين کان ساڍي ڇھين تائين واري ڪراچي پريس ڪلب جي در آڏو ٿيندڙ احتجاج کي 50 ڏھاڙا پورا ٿيندا، پر پوءِ به انھن راتاھن ۽ کنڀجڻ وارين وارداتن ۾ گھٽتائي ته نه ويتر واڌ آئي آھي. گذريل ڪجھه ڏھاڙن ۾ لڳ ڀڳ 50 سنڌي سياسي ڪارڪن راتاھن ۾ کنڀجي چڪا آھن. نياز لاشاريءَ جو ٽنگ پروڻ لاش اڇليو ويو آھي، انڪري اسان سنڌ جي انڌي، ٻوڙي، ۽ گونگي وڏي وزير، سنڌ جي ڪنلاٽايل ساڃاھوندن، ستل سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ان مامري ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سومر 20 جولاءِ 2020 تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو 50 ڪلاڪن جي شروعاتي بک ھڙتال تي ويھڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان اميد سان ته شل اسان جو اھو ڪارج سنڌ جي وڏي وزير، ساڃاھوند سنڌين ۽ سنڌ پريس جون ٻوٽيل اکيون کولي ڇڏي.
۽ جي 50 ڪلاڪن واري بک ھڙتال کانپوءِ به سنڌين جون ٻوٽيل اکيون نه کليون تھ پوءِ مرڻ گھڙيءَ تائين بک ھڙتال جو رستو ئي باقي رھندو. جڏهن ته عاقب چانڊيو جي امڙ مخيتار بيگم. ڀيڻ شازيا چانڊيو. فزا چانڊيو ۽ سندس وني فروا چانڊيو چيو ته عاقب چانڊيو کي اڳ ۾ 30 مئي 2018ع تي کنڀي 17 سيپٽمبر 2019 ع تي آزاد ڪيو ويو هو. يقينن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن عاقب ڪليئر ڪري ڇڏيو هو. عاقب جي آزادي ذھني توڙي جسماني حالت خراب هئي جنهن جو ڪراچي جي ميمڻ اسپتال ۾ علاج پئي هليو. پر ايجنسين توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ٻيهر عاقب چانڊيو کي گلستان جوهر جي علائقي اقرا ڪامپليڪس مان 7 جولائي تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. اسان عاقب جي جبري گمشدگي خلاف وزيراعظم. چيف آف آرمي سٽاف. سنڌ جي وڏي وزير. ۽ ڊي جي رينجرز کي درخواستون ڪيون آهن. اسان عدالت جو پڻ در کڙڪايو آهي. انصاف دايو جي ڀينرن اقصي دايو. افسانا دايو. چيو ڀاءُ جي گمشدگي کي 30 مئي 2020 تي 3 سال مڪمل ٿيا هئا. ڀاءُ جي صدمي ۾ امڙ سخت بيمار آهي. اسين چار ورهين کان سراپا احتجاج آهيون پر ڪنهن به اسان جي احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو. پٺاڻ خان زهراڻي جي زال بشيران زهراڻي. چيو ته مڙس کي اڳ ۾ کنڀي گم ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ڪجھ عرصي بعه ٻيهر هن کي حيدرآباد کنڀي گم ڪيو ويو. اڃان تائين هن جو ڪيو به پتو ناهي پيو ته هو ڪٿي آهي. محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول نوتڪاڻي چيو ته منهنجو ڀاءُ هڪ نج سياسي ڪارڪن آهي. هن جو نه ته ڪنهن دهشگرد تنظيم سان واسطو آھي نه ئي هو دهشگرد آهي. نامياري اديب تاج جويو چيو ته گلشير ٽڳڙ. پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ. حفيظ پيرزادو. مرتضي جوڻيجو. شاهد جوڻيجو. مرتضي سولنگي. آڪاش ٽڳڙ. عامر جوڻيجو. ڪاشف شر سميت ڪيترا ئي ماڻهو اڃا تائين گم آهن. پر سنڌ حڪومت سميت ڪو به نوٽيس نٿو وٺي. نامياري وڪيل عبدالرزاق ٽالپر. سارنگ جويو. نواز خان زنئور ۽ ٻين چيو ته جبري گمشدگيون خود رياستي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. انڪري عدالتن ۽ ادارن کي گهرجي ته نوٽيس وٺي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ظاهر ڪرائي عدالتن ۾ آڻن. بک هڙتال ۾ سياسي سماجي ماڻهن شرڪت ڪئي. جڏهن رات 10 وڳي بک هڙتالي ڪئمپ سنڌ جي واکاڻ هيٺ مشاعرو ٿيندو جنهن ۾ سنڌ ناميارا شاعر پنهنجي نڪور شاعر پيش ڪندا.