بختاور شاديءَ جي ٻنڌڻن۾ ٻڌجي وئي بلاول هائوس ۾ تقريب ، ويجهن مٽن مائٽن جي نڪاح واري رسم ۾ شرڪت

ڪراچي : شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جو پنجاب واسي محمود چوڌري سان نڪاح ٿي ويو، بلاول هائوس ۾ ٿيل شادي تقريب دوران بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود چوڌري جو نڪاح مولوي غلام محمد سوهو پڙهايو، مولوي غلام محمد سوهو کي خصوصي طور تي گهرايو ويو، نڪاح تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سندس ويجهن مائٽن ۽ گهوٽ محمود چوڌري جي عزيزن شرڪت ڪئي، بختاور جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي به دعوت ڏني وئي، وليمي جي تقريب سڀاڻي ٿيندي.